ڪينيڊا (انٽرسٽنگ نيوز) ڪينيڊا جي فنڪار کاڌي وارن مصالحن سان 908.39 چورس فوٽ وڏي تصوير ٺاهي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي. آرٽسٽ پريتي وجي هيڊ، پيپريڪا، لونگ جو استعمال ڪندي پوپٽ جي تصوير ٺاهي رڪارڊ جوڙيو آهي. گنيز بگ آف ورلڊ رڪارڊ پاران مصالحن سان ٺهيل هي دنيا جي سڀ کان وڏي تصوير قرار ڏنو آهي. پريتي وجي پينٽنگ ڪرڻ پاڻ ئي سکيو، پنهنجو ڪم سوشل ميڊيا جي مدد سان وڪڻندو آهي. فنڪار پريتي جو چوڻ آهي ته هو ڪافيءَ سان ڪم ڪرڻ پسند ڪندو آهي پر هڪ ڏينهن اوچتو کيس هيڊ، ڪارن مرچن ۽ لونگن جهڙن مصالحن سان ڪم ڪرڻ جو خيال آهيو. هن مصالحن سان ٺاهيل رڪارڊ جوڙيندڙ پينٽڻگ لاءِ ڪپڙو پنهنجي اباڻي ڳوٺ چنئي مان آندو هو. تصوير ٺاهڻ لاءِ هن تقريباً پنج ڪلو گرام مصلاحن جو استعمال ڪيو آهي.