نيويارڪ (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي ڪمپني سامان کڻي ويندڙ نئون ڊرون ٺاهي ورتو آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي. هي خاص ڊرون450 ڪلو وزن کڻي 900 ڪلو ميٽر اڏامي سگھي ٿو. ٻڌايو پيو وڃي ته مائٽي فلاءِ جو ٺاهين ڊرون سينٽو جي نالي سان مشهور ڊرون سافٽ ويئر سان اڏندو آهي ۽ ٽيڪ آف لاءِ تمام گھٽ جاءِ وٺندڙ ڊرون پاڻ ئي سامان ٻاهر اماڻي سگھي ٿو . هن ڪمپني جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هي ڊرون 450 ڪلو گرام وزن کڻي 960 ڪلو ميٽرن جو فاصلو هڪ ئي وقت طئي ڪري سگهي ٿو. مڪمل طور آٽوميٽڪ ڊرون آهي، جيڪو سافٽ ويئر جي مدد سان اڏامندو ۽ لينڊ ڪندو آهي ۽ پاڻ ئي سامان ٻاهر ڪڍندو آهي. ان جي ڪاميابي جو راز ڪاربن فائبر فريم آهي، جنهن جو ڪل وزن 161 ڪلوگرام آهي. ڊرون کي کڻڻ لاءِ ان ۾ 9 پنکڙيون لڳل آهن، هي بنا بريڪ جي وڌ کان وڌ 240 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگهي ٿو.