ميونخ (انٽرسٽنگ نيوز) جرمني ۾ هڪ نئين قسم جو ڊائناسار دريافت ٿيو آهي، جنهن جي وات ۾ 400 کان وڌيڪ ڏند آهن ۽ اهو بدڪ ۽ ٻگهه پکين وانگر کاڌو کائيندو آهي. ٽيروسار خاندان سان تعلق رکندڙ بيلينوگنيٿس مائيوسيري نالي هن ڊائناسار جون باقيات تقريباً صحي سلامت آهن. اهي باقيات جرمني جي هڪ رياست بيويرين جي هڪ کاڻ مان حادثاتي طور ان وقت مليون جڏهن سانئسدان چن جي وڏن وڏن پٿرن جي کوٽائي ڪري رهيا هئا، جتي واڳن جا هڏا به پيل هئا. ارڙهين صدي ۾ پهروين ڀيرو ٽيروسارس دريافت ٿيو هو، جنهن کان پوءِ ان جاءِ تان اڏامندڙ ڊائناسار جون سوين باقيات ملي چڪيون آهن. اها تحقيقي يونيورسٽي آف مائوٿ جي پروفيسر ڊيوڊ مارٽل جي سربراهي ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ انگلينڊ، جرمني ۽ ميڪسيڪو جا باقيات جا ماهر به شامل آهن. پروفيسر مارٽِل جو چوڻ آهي ته تقريباً مڪمل ڍانڍي تي چُن جي هڪ سنهي تهه چڙهيل هئي، جنهن جي ڪري هي ڍانچو مڪمل محفوظ هو.  هن ٽيروسار جي ڄاڻي تمام وڏي آهي ۽ ان ۾ ننڍا ننڍا سنهڙا چهنب دار ڏند موجود آهن. انهن ڏندن وچ ۾ سنهي ڪنگي جيان خال موجود آهي.