ڏهرڪي واسي پورهيت تي جوابدارن جو حملو، تشدد

0
285

ڏهرڪي ڀرسان ميرپور ماٿيلو کان نجي ڀاڻ فيڪٽري واپس گهر ايندڙ پورهيت کي لوهي سيخن سان مبينا تشدد ڪري سخت زخمي ڪيو ويو آهي، ڳوٺ جان محمد ٻگهيو واسي نوشاد ٻگهيو ڀاڻ فيڪٽري کان مزدوري ڪري واپس پئي آيو ته جوابدارن ڪوري کوهه اسٽاپ وٽ روڪي کيس تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمي جي ڀاءُ امجد ٻگهيو جو چوڻ آهي ته برادري جي ماڻهن سان رمضان شريف ۾ ٻارن جي جهيڙي دوران مسئلو ٿيو هيو، اڄ موسيٰ ٻگهيو،صدورو ٻگهيو ۽ فريد ٻگهيو حملو ڪري لوهي سيخن ۽ هنٽرن سان سڄي جسم ڌڪ هڻي سخت زخمي ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.