گهوٽڪي: مبينا جرڳي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 زخمي، ڌرڻو

0
443

گهوٽڪي ڀرسان ڪارنهن معاملي جي مبينا جرڳي تان چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن بعد متاثر ڌر طرفان مخالف ڌر خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت نيشنل هاءِ و تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته زاهد چاچڙ ۽ ٻين حملو ڪري صوبدار چاچڙ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته گهوٽڪي پوليس ڪارروائي ڪندي زاهد، مهراب، علي بخش، واڌل، غلام مصطفيٰ چاچڙ کي گرفتار ڪري ورتو.