جيڪب آباد: ڪورونا ايمرجنسي ۾ ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرز ويزا تي موڪلڻ جو انڪشاف

0
229

جيڪب آباد: ڪورونا ايمرجنسي ۾ ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن کي ويزا تي ڇڏڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صحت کاتي طرفان ڪورونا ايمرجنسي ۾ ڀرتي ڪيل ڊاڪٽر آڪاش، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ۽ ڊاڪٽر فراز سميت پنج ڊاڪٽرن کي ويزا تحت ڊيوٽي کان آجو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ويزا تحت ڇڏيل ڊاڪٽرز ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتال ۾ نوڪريون ۽ ٽريننگ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڊي ايڇ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند جو چوڻ آهي ته مون وٽ جيڪا رپورٽ آهي ان ۾ سڀ حاضر آهن، اوھان وٽ ڄاڻ آهي ته شيئر ڪريو مون کي ان بابت خبر ناهي ته ڊاڪٽر ٽريننگ تي ويل آهن. هن جو چوڻ آهي ته مان ھڪ ھڪ ڊاڪٽر کي چيڪ ته ڪري نه سگهندس مون کي جيڪو ٻڌايو وڃي ته ان تي ڀروسو ڪندو آهيان، اوھان کي وڌيڪ پڇا ڪرڻو آهي ته آفيس اچو .