پني عاقل ۾ نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار جو ڏوهه جو اعتراف

0
253

پني عاقل ۾ نوجوان منور کونھارو قتل ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي ٿي آهي، دادلوءِ ٿاڻي تي گرفتار جوابدار پاران نوجوان کي ڪنڌ تي ڪھاڙي جا وار ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اعتراف ڪندي ٻڌايو ته منور کي قتل ڪرڻ بعد ڪھاڙي کوھ ۾ اڇلائي ڇڏي، ڪهاڙي ڳولڻ لاءِ کوھ مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي، واضح رهي ته عيد واري ڏينهن جوابدارن گهر ۾ گهڙي منور کونهارو جو ڪنڌ ڪپي کيس قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي صدمي ۾ ويجهو مائيٽ پيرسن به فوت ٿيو هو..