ڏهرڪي ريلوي حادثي تي ترڪش ۽ پاڪستاني اداڪار به خاموش نه رهي سگهيا، ڏک ونڊيو

0
243

ڪراچي(شوبز نيوز) ڏهرڪي ريلوي حادثي تي ترڪش ۽ پاڪستاني اداڪار به خاموش نه رهي سگهيا، ڏک ونڊيو. تفصيل موجب ڏهرڪي ويجهو ٿيل ريل حادثي تي ترڪي ۽ پاڪستان جي اداڪارن ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ڪورلوس عثمان ۾ بالا خاتون جو ڪردار ادا ڪندڙ ترڪش اداڪارا اوزگي تورر چيو آهي ته حادثي جي فوتي ڀائرن ۽ ڀينرن جي وارثن سان دلي ڏک جو اظهار ڪريان ٿي، الله تعاليٰ زخمين کي به صحتياب ڪري. عدنان صديقي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڏهرڪي حادثي جي خبرٻڌڻ بعد اڃاتائين صدمي ۾ آهيان. مهوش حيات جو چوڻ هو ته ريل حادثي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي. ماهرا خان چيو ته الله تعاليٰ متاثرن خاندانن کي صبر عطا فرمائي. جڏهن ته هانيا عامر، همايون سعيد، فيصل قريشي، ڪبريٰ خان ۽ ٻين اداڪارن چيو ته حادثي ۾ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهيون.