لاهور (م ڊ) اسلام آباد ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ 14 ورهين جي نينگري رضوانا جي حالت ۾ بهتري اچڻ لڳي.  پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر الفريد ظفر موجب رضوانا جي صحت بهتر ٿي رهي آهي ۽ ان جا پليٽيليٽس 12 هزارن مان وڌي 80 هزار ٿي ويا آهن. هن چيو ته ساهه کڻڻ ۾ بهتري تي آڪسيجن جي فراهمي گهٽ ڪئي وئي آهي ۽ نينگري کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سندس چوڻ هو ته رضوانا جي جسم ۾ موجود انفيڪشن گهٽجي رهيا آهن ۽ اميد ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سندس صحت وڌيڪ بهتر ٿي ويندي، جڏهن ته انفيڪشن وڌيڪ گهٽجڻ کانپوءِ ٻانهن جي سرجري ڪنداسين. ٻئي پاسي متاثر بارڙي رضوانه مسلم ليگ نواز جي چيف آرگنائزر مريم نواز کي دانهن ڏيندي چيوآيه ته مون کي ڏاڍو ماريندا هئا ۽ تيزاب به پياريندا هئا. مريم نواز پڇيو ته توهان ان باري ۾ پنهنجي والدين يا ٻئي ڪنهن کي ٻڌايو هو؟ جنهن تي ٻارڙيءَ چيو ته نه ٻڌايو هو ڇو جو هو ڏاڍو ماريندا هئا. چهري تي زخمن بابت رضوانه چيو ته هي به تيزاب جا نشان آهن.