لاهور (م ڊ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته رضوانا تي تشدد ڪندڙ جج جي گهرواري کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي.مريم نواز جنرل اسپتال ۾ علاج هيٺ نينگري رضوانا جي عيادت ڪئي، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻارڙي تي تشدد ڪندڙ جج جي گهرواري کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڪيترائي اهڙا ڪيس خوف سبب ظاهر ناهن ڪيا ويندا پر رضوانا جو ڪيس ته سامهون آيو آهي. سندس چوڻ هو منهنجي حڪومت کي درخواست آهي ته جوابدار جج هجي يا ڪو ٻيو، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، منهنجي دوري جو مقصد رضوانا تي ٿيل ظلم کي وائکو ڪرڻ هو، اسپتال ۾ بيٺي آهيان، في الحال سياسي معاملن تي نه ڳالهائينديس. مريم نواز چيو افسوس جي ڳالهه آهي ته اهڙيون ڪيتريون ئي ٻارڙيون آهن، جيڪي خوف سبب چپ ٿي وينديون آهن، ٻارڙي ٻڌايو ته کيس چيو ويو ته جيڪڏهن هن ڪنهن کي تشدد جي دانهن ڪئي ته کيس ٽين ماڙ تان هيٺ اڇلايو ويندو.