ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي مان کاڌ خوراڪ سميت روزاني استعمال جون شيون مهانگيون  ۽ ذخيرو ڪندڙن تي ڏنڊ جي رقم وڌائڻ وارو بل منظور ڪيو ويو، اجلاس دوران مخالف ڌر ميمبرن جي غيرحاضري سبب خوراڪ کاتي جا سمورا سوال رهجي ويا، مڪاني ، سياحت، روينيو سميت 5 کاتن جا وزير ايوان ۾ موجود نه هئڻ ڪري گورک هل اسٽيشن توڙي امڪاني برساتن  ۽ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ  بابت 5 ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش نه ٿي سگهيا، اسپيڪر آغا سراج دراني مخالف ڌر اڳواڻ رعنا انصار کي اپوزيشن ليڊر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ته رعنا انصار ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو ايوان ۾ موجود سمورين مخالف پارٽين جي ٿورائتي آهي جن مٿس اعتماد ڪيو.  هو سڀني ڌرين جي گڏيل مخالف ڌر اڳواڻ آهي، اجلاس ۾ متحده ايم پي اي منگلا شرما جي ساڌ ٻيلي جي تاريخي مندر جي اڏاوتي منصوبي ۾ دير بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي اقليتين واري وزير گيان چند ايسراڻي ايوان کي ٻڌايو ته ساڌ ٻيلي جي تاريخي مندر جي اڏاوتي اسڪيم ۾ وڏي پيماني تي گهوٻيون لڳيون آهن، جنهن ڪري هي منصوبو ڪافي وقت کان رولڙي جو شڪار آهي، اسان جاچ ڪرايون پيا،