ڪراچي/ سکر ( رپورٽ: حبيب جمالي ۽ فاروق سومرو ) سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جون تياريون، 4 جديد بڪتربند گاڏيون پوليس کي ملي ويون، آر آر ايف جا 500 اهلڪار سکر رينج  ۽ 500 اهلڪار لاڙڪاڻي رينج حوالي، آءِ جي سنڌ گھوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور جي ايس ايس پيز کان ڀنگ لاءِ اغوا ڪيسن بابت بريفنگ گھري ورتي، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سنڌ پوليس صوبي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ تياريون ڪري رهي آهي، سنڌ پوليس 17 جديد بڪتربند گاڏين جو آرڊر ڏنو هو، جن مان 4 بڪتربند گاڏيون پوليس کي ملي ويون آهن، ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي امجد شيخ بڪتربند گاڏين جو معائنو پڻ ڪيو. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾سينٽرل پوليس آفيس ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته  علائقائي سطح تي انٽيليجنس بنيادن  تي ڪاررواين ۾ تيزي آندي وڃي، آءِ جي سنڌ آر آر ايف جا 500 اهلڪار سکر رينج ۽ 500 اهلڪار لاڙڪاڻي رينج کي ڏيندي چيو ته ڀنگ لاءِ اغوا وارن ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کي سي آءِ اي نه صرف گرفتار ڪري پر انهن کان پڇاڳاڇا به ڪري. آءِ جي سنڌ گھوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور جي ايس ايس پيز کي حڪم ڪيو ته  ڀنگ لاءِ اغوا وارن ڪيسن تي جامع بريفنگ ڏني وڃي، ضلعي سطح تي انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ڪئي وڃي، ٻئي طرف سنڌ پوليس طرفان صوبي ۾ اشتهاري ۽ مفرور ڏوهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته پهرين مرحلي ۾ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٻئي مرحلي ۾ بينڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرائي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته 350 ڪمپيوٽر سسٽم جاچ شعبي حوالي ڪيا ويندا، انويسٽيگيشن شعبي کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻايو ويندو