ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته زمان پارڪ لاهور بدران ڪراچي ۾ هجي ها ۽ عمران خان ڪراچي جو رهواسي هجي ها ته ڪڏهوڪو گرفتار ٿي چڪو هجي ها، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ 53 يوسيز جو اضافو ٿيو آهي،هاڻ  ڪراچي ۾نئين سر مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، وقت ثابت ڪيو آهي ته اسان جو مڪاني چونڊن جي بائڪاٽ وارو فيصلو صحيح هو.  هن چيو ته آدمشماريءَ کي شفاف ۽ غيرجانبدارڻي بڻايو وڃي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت ڪيئن  بهتر ٿيندي ؟ ڪراچي وارن کي سندن حق ڪيئن ملندا؟ حڪمران انهي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن،