ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اسيمبلي ۾ خرم شيرزمان سان جملن جي ڏي وٺ دوران چيو ته هي ماڻهو ٽيلڪم پائوڊر کي  به ڪوڪين سمجهن ٿا. پي ٽي آءِ جي خرم شيرزمان دعا گهرڻ دوران چيو ته پاڪستان جي الله سائين حفاظت فرمائي، ھن وقت لاهور جي زمان پارڪ ۾ رياستي دھشتگردي ٿي رهي آھي، اھو ڏينهن بلاول ھائوس تي به اچي سگھي ٿو، جنهن تي اسپيڪر کيس چيو ته اوهين دعا گهرايو، بعد ۾ ڳالهائجو، انهي کان اڳ خرم شيرزمان ارسلان تاج جي گرفتاري بابت پڇيو ته اسپيڪر کيس جواب ڏنو ته هو سندس آڏو جوابده ناهي،  هن ارسلان تاج ۽ هڪ ٻئي ايم پي اي جي گرفتاري بابت رپورٽ گهرائي آهي، جيئن رپورٽ ملندي، ايوان کي آگاهي ڏبي.