ڌاڙيلن جا لشڪر ۽ ‘ڀُونءِ- بدر’ ٿيل رياستي قانون

0
28
بارداني جي شفاف ورهاست ۽ بيوس بڻيل سنڌ انتظاميا

ڄام صادق علي جي دور کانپوءِ شايد هي پهريون ڀيرو آهي، جو سنڌ ۾ بدامني ايتري گهڻي وڌي وئي آهي. ڄام صادق جي دور ۾ روڊ رستا محفوظ نه هئا، گاڏيون به ڪانواءِ جي صورت ۾ هلنديون هيون پر هن وقت حالت اها آهي جو ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهن. ايتري قدر جو ڀُنگ خاطر ننڍڙا معصوم ٻارڙا به اغوا ڪيا پيا وڃن. خبرون آهن ته، شڪارپور، خيرپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا 64 ٽولا سرگرم آهن. اغوا انڊسٽري ۾ ايڏو وڏو اڀار هن کان اڳ ڏسڻ ۾ نه آيو هو. ان اغوا ۽ ڏوهن واري ڪاروبار ۾ پوليس اهلڪار ۽ سردار سهولتڪار بڻيل آهن. اڌ درجن اترين ضلعن جي ڪچي ۾ رياستي قانون ‘ڀونءِ- بدر’ ٿيل آهي. انتظاميا مڪمل طرح ڏوهارين آڏو بيوس نظر پئي اچي. ايئن محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ اهو علائقو ڌاڙيلن کي مقاطعي تي مليل هجي. سڄي سنڌ ۾ بدامني ۽ اغوا خلاف احتجاج هلندڙ آهن. عوام جي دٻاءَ کانپوءِ آپريشن جي نالي ۾ پوليس جي ‘آوت جاوت’ جاري آهي پر آپريشن مان ڪوبه نتيجو نه پيو ملي، ويتر ڏينهون ڏينهن ڏوهه وڌندا وڃن. ايتري قدر جو ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي جي موجودگيءَ جي باوجود اغوا جون وارداتون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي گهرو کاتي جي وزير ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت دوران ڪراچي ۾ بگاڙ آيو آهي، اهو بگاڙ ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار آهن، اهي جنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن.

سنڌ ۾ حڪمرانن جي دهمانن جي پرواهه نه ڪندي ڏوهاري پنهنجون ڪارروايون جاري رکيو اچن. سنڌ جي اڌ درجن کن ضلعن جي ڪچي ۾ انتظامي گرفت نظر نٿي اچي ۽ جي نظر اچي ٿي ته صرف انتظامي افراتفري ۽ وائڙائپ. حڪومت عوامي دٻاءُ مان جند ڇڏائڻ لاءِ پوليس عملدارن جون بدليون ڪري ٿي، پر ان جي باوجود ڪارڪردگي نظر نٿي اچي. ايتري قدر جو منتظمين خود ششدر آهن ته هي ڇا پيو ٿئي؟ هونئن به سنڌ ۾ اوچتو ڏوهن ۾ جڏهن واڌ ٿيندي آهي، اغوا انڊسٽري سرگرم ٿي ويندي آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڏوهن جي ايڪسيليٽر تي ڪن اڻ ڏٺل قوتن جو پير هجي. سنڌ ۾ بد انتظامي جي حوالي سان سنڌ انتظاميا جي نااهلي ته ثابت آهي، جنهن تي بحث آهي ئي ڪونه. سنڌ انتظاميا هموار انتظامي وهنوار قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿي آهي پر حيرت اها آهي ته اها عوام سان سچ ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. جيڪڏهن اهليت ناهي ته منجو ڇڏيو. ماڻهو انتظامي نااهليءَ جي چٽي آخر ڪيستائين ڀريندا؟ عوام جڏهن ڏوهن ۽ اغوائن خلاف احتجاج ڪري ٿو ته چيو وڃي ٿو ته جمهوريت جي خلاف سازش پئي ٿئي، پر ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته سازش عوام نه ڪندو، عوام ٽيڪس ڏئي ٿو، ان کي تحفظ ڏيڻ رياستي ذميواري آهي پر رياست آهي ڪٿي؟ حڪومت، عوام ۽ رياست جي وچ ۾ رابطي ۽ انتظامڪاري جو وسيلو هوندي آهي. رياست پنهنجي عملداري حڪومت ذريعي قائم ڪندي آهي. هن وقت سنڌ ۾ اها حالت آهي ته مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ رياستي قانون ڳولهي نه پيو لڀجي. ڌاڙيلن جا تربيت يافته لشڪر آهن، جن جي اڳيان حڪومتي مشينري مفلوج بڻيل آهي. ڌاڙيلن وٽ جنگين ۾ استعمال ٿيڻ واري معيار جا هٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ اهي هٿيار سنڌ ۾ ڪٿان ٿا پهچن؟ آخر ڌاڙيلن کي اهي هٿيار هلائڻ جي تربيت ڪٿان ٿي ملي؟ غليل ته ڪانهي، جنهن جو رڳو رٻڙ ڇڪڻو پوي! انهن سوالن جا جواب عوام کي ڇو نٿا ڏنا وڃن؟ جيڪڏهن ڪي مجبوريون آهن ته عوام سان سچ ڇو نٿو ڳالهايو وڃي؟ سنڌ جي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته نگران دور ۾ بگاڙ آيو ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وقت گهرجي پر سوال اهو آهي ته آخر ڪيترو وقت گهرجي؟ ڪجهه ڏينهن اڳ نگران دور جي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز جو هڪ بيان اخبارن ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ موصوف چيو هو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۾ سردار ملوث آهن. هتي اهو سوال پڇي سگهجي ٿو ته آخر انهن ڇهن مهينن ۾ اوهان (نگران منتظمين) ڇا پئي ڪيو؟ جيڪڏهن ڪي سردار ۽ ڏاڍا ماڻهو ڏوهن ۾ ملوث هئا ته انهن کي قانون جي گرفت ۾ ڇو نه آندو ويو؟

اڳي ايم آر ڊي واري تاريخي مزاحمت کانپوءِ سنڌ جي اجتماعي شعور کان خائف ۽ خوفزده قوتن ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل فيڪٽر ۽ شهرن ۾ دهشتگرد پيدا ڪيا ويا ۽ هاڻي ڪارونجهر جي ڪٽائي کي روڪڻ ۽ ٻين مسئلن بابت سنڌ جي شعور جي مزاحمت کانپوءِ ڪي ڌريون سڪرات ۾ آهن ۽ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جا لشڪر سرگرم ٿي ويا آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن تي نئين اعصابي جنگ مڙهي وئي آهي. سنڌ جي منتظمين کي عوام سان سچ ڳالهائڻ گهرجي. سنڌ جي منتظمين جي نا اهليءَ سان انهن قوتن جي سهولتڪاري پئي ٿئي. عوام کي نتيجو کپي، تحفظ کپي ۽ بس!