ايراني حملا، حڪمت عملي ۽ اسرائيل تي اثر

0
28
ايراني حملا، حڪمت عملي ۽ اسرائيل تي اثر

ايران جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ هاڻ پوري دنيا ۾ اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته ان حملي جو آخر مقصد ڪهڙو هو، تهران ان مان ڇا حاصل ڪيو؟ ڇو جو ظاهري طور 300 کان وڌيڪ ميزائل ۽ ڊرون حملن جي باوجود اسرائيل جو ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، نه ئي اسرائيل جي ڪن تنصيبات کي ڪو نقصان پهتو آهي. جيئن حماس جي اسرائيل تي حملي وقت ٿيو هو. جڏهن ته ايران جي حملي بعد هنگامي طور تي شروع ٿيل عالمي رابطن ۽ عالمي ادارن جي اجلاسن جهڙوڪ سلامتي ڪائونسل ۽ جي سيون اجلاسن ۾ به ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته اسرائيل جي جنگي ڪاميٽي جيڪا فوري رد عمل جي ماهر آهي، ان جي اجلاس ۾ به ڪا نئين حڪمت عملي سامهون ناهي آئي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان ۽ سياسي حمايت نه ملڻ تي “مناسب وقت تي جواب ڏبو” جي ڌمڪي ڏئي وقتي طور تي ان باب کي بند ڪيو آهي. پر جنگي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو جنگ جو پهريون رائونڊ آهي. هاڻ ڌريون ان معاملي کي ڏسي رهيون آهن ته ان مان کين ڪيترو نقصان ٿيو آهي ۽ ايندڙ حمڪت عملي سان ڪيترو نقصان ٿيندو.

اسرائيل جي چينل 12 رپورٽ ڪيو آهي ته ايراني حملن سان اسرائيل جو ڪو جاني نقصان ته ناهي ٿيو پر ان سان پوري اسرائيل ۽ دنيا ۾ نئون خوف پيدا ٿي ويو آهي ۽ اسرائيل جي ڊفينس سسٽم جو هڪ ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. اهو به ان ڪري جو ايران 2 ڏينهن اڳ اتحادي ڌرين کي اڳواٽ اطلاع ڏنو هو ته هو اسرائيل جي ڊفينس سسٽم ۽ انهن ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندو، جتان دمشق ۾ سندن قونصل خاني تي حملو ڪيو ويو هو. ان ڪري اسرائيل جو جاني نقصان گهٽ ٿيو آهي.

جنگ هميشه مختلف طريقن سان وڙهي ويندي آهي. هن وقت پوري دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن بنا اعلان جي وڌي رهي آهي. ايران پهريون ڀيرو يوڪرين، غزه جنگ بعد اوپن پليٽ فارم تي پوري دنيا آڏو سامهون اچي ويو آهي. اهو به آمريڪا ۽ ان جي سگهارن اتحادين جي مقابلي ۾، جن وٽ جنگ ته ڇا پر کائڻ لاءِ ماني ڳڀو به ناهي پر جنگي حڪمت عملي سان وڙهي ويندي آهي. ايران جي تازي حملي تي ڪيترائي جنگي ماهر ان تي مونجهاري جو شڪار به آهن، جڏهن ته ڪيترن جو مڃڻ آهي ته اهو به هڪ جنگي حربو آهي. ايران کي خبر آهي ته اسرائيل جو دفاعي نظام ڪيترو طاقتور آهي پر ان خطي ۾ ان جي اتحادين جي پوزيشن ڪهڙي آهي؟ ان کي جاچڻ لا به ايران 15 ڪلاڪ اڳ وارننگ جاري ڪري حملو ڪيو هو. هن اهڙا هٿيار استعمال ڪري اسرائيل کي مجبور ڪيو ته هو خطي ۾ آمريڪي ۽ انهن وٽ موجود سموري ميزائل مار ٽيڪنالاجي سامهون آڻي ۽ ان جو استعمال ڪري ته جيئن اسان کي به خبر پئي ته ڪهڙي شئي ڪٿي لڪل آهي، جڏهن ته ايران اهڙو ٻيو ڪو به هٿيار استعمال ناهي ڪيو، جنهن جي اسرائيل کي خبر نه هجي. پر هاڻ ايران وٽ اسرائيل جي سموري دفاعي نظام جو مڪمل نقشو اچي ويو آهي. هاڻ ايران کي اها به خبر پئجي وئي آهي ته ڪهڙا عرب ملڪ اسرائيل جا ساٿاري آهن. انهن جا دفاعي نظام ڪئين ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي صلاحيت ڪيتري آهي. ايران هاڻ ان سموري خفيه معلومات مان فائدو وٺي سگهي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته پاڻ وري به سڌي ريت سامهون نه اچي ۽ پنهنجي هٿياربند تنظيمن جيڪي اڳ ئي اسرائيل کي گهيرو ڪري ويڙهه ڪري رهيون آهن، انهن ذريعي انهن کي ٽارگيٽ بڻائي مقصد حاصل ڪري.

ايران 1973ع جي “جنگ يوم ڪپور” کانپوءِ پهريون ڀيرو اهڙو حملو ڪيو آهي. جڏهن ته 1968ع واري عرب اسرائيل جنگ ۾ به عربن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو ۽ وري ڪڏهن به اسرائيل جي سامهون نه آيا پر هن ڀيري ايران اڪيلي فرنٽ لائين تي اچي ويو آهي. عالمي جنگي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته اهو ڪو ڊرامو نه هو. جنگ ۾ فوجي حڪمت عملي جو هڪ حصو آهي، ڇو جو دشمن بابت انٽيليجنس حاصل ڪرڻ وڌيڪ اهم هوندو آهي. ان سان ايران سياسي ۽ فوجي فائدا به حاصل ڪري سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو حملو علامتي هو. ايران پنهنجي مليشياز ذريعي به اهي حملا ڪري پئي سگهيو پر پنهنجي ڌرتي تان ميزائل ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ به هڪ حڪمت عملي آهي. اسرائيل ڪجهه ڏينهن اڳ دمشق ۾ ايراني قونصل سيڪشن تي جنهن ايئربيس تان حملو ڪري جنرل رضا ۽ سندس ساٿين کي شهيد ڪيو هو، ايران ان ئي “نواتيم ايئربيس” کي 13 ميزائل هڻي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. چائنا ۽ مصري ميڊيا جي ڪجهه چينلن اتان جون ڪجهه تصويرون به شايع ڪيون آهن. اهو اسرائيل جو انتهائي اهم ايئربيس هو، جتي اسرائيل جا آپريشنل اسڪواڊرن 116 ۽ 140، ايف 45 جنگي جهاز ۽ 117 تربيتي اسڪوارڊرن به مقرر هو. اهو اڏو جنگي جهازن جي پائليٽن جي تربيت گاهه به آهي. حڪومت جو 122 هون انٽيليجنس اسڪوارڊرن به اتي موجود  آهي. اسرائيلي حڪومت ان ايئربيس تي ئي جهازن کي بيهاريندي آهي. اسرائيل جي جاسوسي اداري جي ڪيترن سينيئر آفيسرن جون آفيسون به ان ئي ايئربيس تي موجود آهن. ڪجهه مهينا اڳ آمريڪا سان ٺاهه ڪري حاصل ڪيل هٿيارن ۽ جهازن کي به ان ئي ايئربيس تي رکيو ويو هو.

معاشي طور تي عالمي پابندين ۽ بدحالي کان مجبور ايران انهن حملن جي حوالي سان آمريڪا سان بيڪ ڊور چينلز ذريعي رابطن ۾ به هو، تڏهن ته صدر جو بائيڊن اسرائيل تي جوابي حملي بابت الڳ بيهڻ جو اشارو ڪيو. ايران اهڙي پاليسي جنوري 2020 ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنرل قاسم سليماني جي قتل واري واقعي تي به استعمال ڪئي هئي. جڏهن ايران شام مان عراق تي بيلسٽڪ ميزائل حملا ڪيا. آمريڪا ان وقت به جوابي ڪارروائي نه ڪئي. پر اسرائيلي وزير اعظم بنجمن نيتن ياهو بابت ڪا خبر ناهي. هو يوٽرن وٺڻ جو ماهر آهي، جيئن غزه تي ڪارروائي ڪري ان کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ائين ئي هو ڪنهن به وقت ايران خلاف به ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. اسرائيل ۾ نيتن ياهو خلاف سخت احتجاج شروع ٿي ويا آهن ته هو فورن اقتدار ڇڏي ڏي. اسرائيلي ميڊيا ان معاملي تي خاموش آهي پر ڪيترن شهرن مان لکين ماڻهن جي ڀاڄ پوري اسرائيل ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن کائڻ پيئڻ جو سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هزارين ماڻهو بنڪرن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. خطري وارا سائرن ٻئي ڏينهن به بند ناهن ڪيا ويا.

جيتوڻيڪ ايران وٽ اسرائيل جيترا ايٽمي هٿيار ناهن، پوءِ به هن وٽ اهي ڪافي تعداد ۾ موجود آهن، ايران وٽ بيلسٽڪ ميزائلن جو هڪ وڏو تعداد به موجود آهي. تازو ايراني نيوز ايجنسي جديد ترين 9 ايٽمي ميزائل ڏيکاريا آهن. ايران وٽ 17 هزار ڪلوميٽر تائين (10.500 ميل) في ڪلاڪ تائين مار ڪندڙ “سيجل” 2 هزار ڪلوميٽر (1،240 ميل) جي رينج وارو “خيبر” ۽ 14 سئو ڪلوميٽر (870 ميل) جي رينج وارو “حج قاسم” شامل آهي، جنهن جو نالو قدس فورس جي ڪمانڊر شهيد قاسم سليماني جي نالي تي رکيو ويو آهي، جيڪو 4 سال اڳ آمريڪي حملي ۾ بغداد ۾ شهيد ٿي ويو هو. جڏهن ته ايران ڊرون تيار ڪندڙ هڪ وڏو ملڪ به آهي، جنهن جو “مهاجر” 10 نالي جديد ڊرون ليکيو ويندو آهي، جنهن جي آپريشنل رينج 2 هزار ڪلوميٽر آهي ۽ اهو ڊرون 300 ڪلوگرام(660 پائونڊ) تائين بارود کڻي 24 ڪلاڪن تائين اڏام ڪري نشاني کي حدف بڻائي سگهي ٿو. ايران جو چوڻ آهي ته سندس بيلسٽڪ ميزائل آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻين امڪاني علائقائي حدفن خلاف سندن جوابي طاقت آهي پر هو ايٽمي هٿيارن کان انڪاري آهي. ايران گذريل جون ۾ هائپر سونڪ ميزائل جيڪو آواز جي رفتار کان پنجوڻ تي وڌيڪ تيزي سان ڏکين رستن تان اڏام ڪري نشاني تي مار ڪندو آهي، جو تجربو ڪيو هو. واشنگٽن جي آرمز ڪنٽرول ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ايران جو ميزائل پروگرام اڪثر ڪري اتر ڪوريا ۽ روسي ڊزائن ڪيل آهي ۽ ان پروگرام ۾ مالي مدد چين جي ٿيل آهي، جڏهن ته 300 ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ “شهاب ون” 18 هزار ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ “شهاب ٿري” ۽ اڍائي هزار ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ “سيجل” ميزائل جي تياري تيزي سان جاري آهي. ايران وٽ ڪروز ميزائل به آهن. ان ۾ ڪي ايڇ 55 به شامل آهي، جيڪو 3 هزار ڪلوميٽر تائين مار ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته جديد ترين اينٽي شپ ميزائل خالد فرز جيڪو تقريبن 300 ڪلوميٽرن تائين هڪ هزار ڪلوگرام وار هيڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ايران تمام گهڻي فاصلي تائين مار ڪندڙ بين البراعظمي ميزائل تيار ڪرڻ لاءِ خلائي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري رهيو آهي. انهن ايٽمي ميزائلن کي ايران جي پاسداران انقلاف جا گوريلا آپريٽ ڪندا آهن. پاسداران انقلاف ڪردستان، بلوچستان، سعودي عرب، شام، بغداد ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ ڊرون ۽ ميزائل حملن جي شروعات ڪئي هئي. جڏهن ته ايران پنهنجي نيوڪليئر ٺڪاڻن تي هڪ وڏي حملي بعد پنهنجي سائبر صلاحيتن کي وڌائڻ شروع ڪيو. پاسداران انقلاب وٽ ان جي مڪمل سائبر ڪمرشل ۽ عسڪري ڪمانڊ سسٽم به موجود آهي. 2019 ۾ ايران پوري دنيا ۾ ايرواسپيس ڪمپنين، دفاعي ڪنٽريڪٽرز ۽ قدرتي وسيلن وارين ڪمپنين ۽ ٽيلي ڪام فرمز تي سائبر جاسوس حملا به ڪيا آهن. ماڪرو سافٽ 2019 ۾ الزام مڙهيو هو ته ايراني گروهه آمريڪي صدارتي مهم کي نشانو بڻائڻ لاءِ آمريڪي اڪائونٽس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته ايران وٽ هن وقت به 5 لک، 23 هزار فوج مان ساڍا 3 لک روايتي جڏهن ته ڏيڍ لک پاسداران انقلابي گارڊز موجود آهن. ان کانسواءِ20 هزار پاسداران بحري فورس آهي، جيڪي ريڊ سي ۾ گشت ڪندا آهن. پاسداران انقلاب ڪمانڊ هڪ رضاڪار گروه “بسيج” کي به ڪنٽرول ڪندو آهي. ان گروهه ۾ هزارين ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. پاسداران جو هڪ يونٽ “قدس فورسز” آهي، جيڪو جنرل سليماني جي قيادت ۾ ڪم ڪندو هو. اهو ملڪ کان ٻاهر جي ڪارروائين ۾ حصو وٺندو آهي. اهو گروپ سڌو آيت الله خامنه اي کي رپورٽ ڪندو آهي، جنهن جو انگ 5 هزار جي لڳ ڀڳ آهي.

ايراني حملي بعد پوري عرب ملڪن ۾ پريشاني وڌي وئي آهي ڇو جو ڪيترن ڏهاڪن کان انهن عرب ملڪن اسرائيل سان معاشي ۽ اقتصادي معاهده ڪيا آهن. پوري غزه جي تباهه ٿي وڃڻ ۽ هزارين فلسطينين جي قتل عام بعد به اهي عرب ملڪ اسرائيل سان نه تکا مٺا ٿيا آهن، نه ئي منهن موڙيو آهي پر ايران جي حملي بعد هاڻ نئين علائقائي جنگ ۾ ڌڪجڻ سبب به سخت پريشان آهن. اسرائيل ۽ ايران جو هوائي حدون انهن عرب ملڪن سان جڙيل آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ حوثي مليشيا سان گڏ ايراني فوجين ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ يهودي سرمائيدار جو مال وارو ٻيڙو تحويل ۾ وٺي ايران کڻي ويا. اسرائيل جي چوڻ تي عرب ملڪ اهو به واپس ناهن ڪرائي سگهيا. جڏهن ته ڪيترائي عرب ملڪن آمريڪا کي فوجي اڏا ڏنا آهن. تيل جو ڪاروبار به هلي رهيو آهي. ايراني حملي پوري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي ٻوڙائي ڇڏيو آهي. هڪ ڏينهن ۾ تيل جي قيمت وڌڻ سان گڏ ڳاڙهي سمنڊ سميت ٻين سامونڊي رستن، جتي ايراني مليشيا جو اثر آهي، ڪاروبار کي روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سان پوري دنيا ۾ مهانگائي جي نئين لهر سامهو اچڻ واري آهي.