شهزادي دارا جي سنڌ ڏانهن روانگي، گرفتاري ۽ شهادت

0
27
شهزادي دارا جي سنڌ ڏانهن روانگي، گرفتاري ۽ شهادت

مون جڏھن مولانا آزاد جي اها وصيت پڙھي ته، “مونکي سرمد شهيد جي پيرانديءَ دفن ڪجو”، تڏھن کان ان جو اصل سبب ۽ دور يعني شاهجهان ۽ اورنگزيب جو دورِ حڪومت پڙھڻ شروع ڪيم ته، شاھجهان پنهنجي وليعهد شھزادي دارا جي تعليم، تربيب تي خاص ڌيان ڏنو هو ۽ اڳتي هلي جڏھن مغل سلطنت تي سندس ئي شاطر دماغ پٽ اورنگزيب، پنهنجي پوڙھي پيءَ شاھجهان کي قيد ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو، تڏھن کان ئي اونگزيب جي ان ڪڌي ڪم تي نه رڳو عوام ناراض ٿيو هو، پر گهرو ويڙهه به شروع ٿي وئي هئي. انهن لڙائين ۾ اورنگزيب پنهنجا 2 سڳا ڀائر مارائڻ بعد، مغل سلطنت جي حقيقي وارث ۽ وڏي ڀاءَ دارا کي به مارائڻ جون سازشون شروع ڪري ڇڏيون هيون ۽ ڪيترن معرڪن بعد دارا بيزار ٿي ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. دارا جي ان فيصلي ۽ شھادت تائين جو درد ڀريي داستان کي، دارا جي فوج جي سپهه سالار، پنهنجي دور جي وڏي عالم، حڪيم، نڪولائي منوچي، پنهنجي ڪتاب Storia do Mogor; or, Mogul India 1653-1708; ۾ هيئن بيان ڪيو آھي: دارا آخري جنگ هارائڻ بعد 2000 جي لشڪر سان سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. رڻ پٽ، خشڪ پوٺن مان گذرندي، کاڌي، پيتي جي اڻاٺ، سخت گرمي ۽ رات، ڏينهن سفر ۽ پويان جان جا ويري بڻيل جئسنگھ ۽ بهادر خان ڪاهيندا پئي آيا. هڪڙو ته لشڪر جا ڪجھ سپاهي ٿڪجي، ٽُٽي پوئتي رهجي ويا هئا ۽ ٻيو مٿان ڌاڙيل اچي ڪڙڪيا، جن ڦرلٽ سان گڏ ۽ ڪيترن  سپاهين کي به ماري وڌو هو. توڻي جو جئسنگھ، ھو ته اورنگزيب جو ڪمانڊر، پر هن نه ٿي چاهيو ته ههڙو شهزادو بي گناھ مارجي وڃي، انڪري هن پنهنجي فوج کي هيڏانهن، هوڏانهن پئي ڀٽڪايو. هوڏانهن دارا جيئن ئي دريا پار ڪرڻ لا۽ پهتو ته، ڪيترن ئي ملاحن، اورنگزيب جي خوف سبب پنهنجون ٻيڙيون لڪائي ڇڏيون هيون. دارا وڻ وڍرائي خاندان ۽ لشڪر پار ڪرائي ايران وڃڻ ٿي چاهيو ۽ ايران ۽ سنڌ جي آخري سرحد تي اهو جيوڻ خان ويٺل هو، جنهن کي شاھجهان جي دور حڪومت ۾ دارا ٽي ڀيرا موت جي سزا مان بچايو هو، انڪري دارا کي اميد هئي ته، جيوڻ خان ضرور مدد ڪندو، پر ڪنهن ڏاهي چواڻي ته، ‘احسان فراموش ماڻھو وڇونءَ وانگر هوندا آھن، جيڪي پنهنجي فطرت نه مٽائيندا آھن’. جيوڻ خان، دارا جي لشڪر پهچڻ شرط، انعام جي لالچ ۾ اچي سخت پهري سان دارا جي خاندان ۽ سپاھ کي قيد ڪري ورتو. هوڏانهن دارا جي محبوب وني نور محل بيگم کان اها جيوڻ خان جي بيوفائي برداشت نه پئي ٿي، ان ڪري هن خودڪشي جو ارادو ڪيو. اها خبر جڏھن وفادار ملازم فريدون کي پئي ته، هن بيگم صاحبه کي تسلي ڏيندي چيو ته، توهان ائين نه ڪريو، آئون ڪجھ ڪري ٿو وٺان. ائين چئي هن دارا کان اهو ريوالور ورتو ۽ اهو لڪائي هو جيوڻ خان وٽ آيو ۽ چيائين ته، شھزادي توهان لاءِ تحفو موڪليو آھي. جيئن ته هن جي آڱر  ڳوٿريءَ ۾ بند ريوالور جي گهوڙي تي هئي. جيئن ئي جيوڻ خان هٿ وڌايو ته، ٺڪاءُ ٿيو ۽ نشانو گسي ويو ۽ هو بچي ويو ۽ جيون خان کي پڪ ٿي وئي ته شهزادو هاڻ جان جو دشمن بڻجي چڪو آھي، انڪري هن سختيون وڌائي ڇڏيون.

بيگم صاحبه، ان ناڪام منصوبي جو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ ننڍڙو سپر شڪوه ۽ نياڻي ڪوڪون ڪرڻ لڳا. جن آھن، دانهن دارا جي وڍيل وجود کي وڌيڪ چچري، چيڀاٽي ڇڏيو. ايتري ۾ اورنگزيب جا ڪتا نوس نوس ڪندا پهچي ويا، جن دارا جي هٿن ۾ هٿڪڙيون، چيلھ ۾ زنجيرون هڻي چئن هاٿين تي رکيل هودين مان هڪ هودي ۾ دارا کي وڌو ۽ 40 ڏينهن جي سفر بعد جڏھن هو دهليءَ جي ويجهو پهتا ته، اورنگزيب جو حڪم مليو ته، دهليءَ ۾ داخل ٿيڻ شرط اگهاڙي هودي ۾ دارا ۽ ننڍڙي شهزادي سپر شڪوه کي پيرن ۾ ڪڙيون هڻي ۽ هٿ کليل ڇڏيا وڃن. ان ئي گهڙيءَ ان فقير جي شھزادي دارا تي نظر پئي، جنهن کي دارا هميشه خيرات ۾ سون، جواهر ڏيندو هو. فقير رڙ ڪري چيو ته،  اي منهنجا آقا..! مونکي خبر آھي ته، هن وقت تو وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجھ ڪونهي پر تنهنجو رڳو ديدار مونکي انهن سون، جواهرن کان وڌيڪ وڻندڙ پيارو آھي. جيئن ئي دارا، پنهنجي ڪلهي تي اوڍيل ڪاري چادر فقير ڏانهن وڌائي ته، ايتري ۾ اورنگزيب جي ڇاڙتي بهادر خان ڪتي واري جهڙپ ڏيندي فتوا صادر ڪئي ته، “اسلام ۾ قيديءَ کي خيرات ڏيڻ جو ڪو حق ڪونهي”. اهو ٻڌي فقير، اورنگزيب ۽ بهادر خان کي ست سريون ٻڌائيندو هليو ويو.

دارا جي ان صورت ۾ قيدي ٿي اچڻ سان سڄي ملڪ جي عوام ۾ جيڪا نفرت پيدا ٿي وئي هئي، ان نفرت کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اورنگزيب چال چلي ته، دارا ۽ ننڍڙي سپر شڪوه کي گواليار جي قلعي ۾ رکيو وڃي ۽ هوڏانهن درٻاري مُلن شائسته خان، امين خان، بهادر خان، طبيب ۽ دائود کان فتوا ورتي وئي ته، دارا ڪافر، ملحد، دهريو ۽ باغي آھي، انڪري واجب القتل آھي. درٻاري مُلن جي ان فتوا اورنگزيب کي ايتري خوشي نه بخشي هئي، جيتري روشن آرا بيگم (دارا جي ويڳي ۽ اورنگزيب جي سڳي ڀيڻ) جي روح کي راحت پهچائي هئي. 26 تاريخ تي خالص خان کي حڪم مليو ته، دارا ۽ ننڍڙي شھزادي سپر شڪوه کي ڌار ڪيو وڃي ۽ اورنگزيب، دارا ڏانهن پيغام موڪليو ته، “جيڪڏھن بخت تنهنجو ساٿ ڏي ها ۽ مان تو وٽ قيدي هجان ها ته تون مون سان ڪهڙو سلوڪ ڪرين ها؟” دارا، ان طنز جي جواب ۾ چيو ته، “اڄ تنهنجي لاش جا چار ٽڪرا دهليءَ جي چئن وڏن دروازن تي ٽنگيل هجن ها”. اورنگزيب اهو جواب ٻڌي تپي باھ ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته، دارا جو سر ڌڙ کان ڪير ڌار ڪري ڏيکاريندو؟ ان ئي مهل اهو شاھ جهان جو خريد ڪيل ٻانهو نذر بيگ، (جنهن کي هڪ ڀيرو ڪنهن غلطيءَ سبب دارا ڇينڀيو هو) ٽپ ڏئي اٿيو ۽ چيائين ته، اهو  ڪم آئون ڪندس ۽ پوءِ نذر بيگ پنهنجن 6 ساٿين محرم، مشھور اسارون، فراد، مراد ۽ فتح بهادر سان گڏ اهو ظالماڻو ڪم ڪري، ۽ شهزادي دارا جي چنڊ جيئان چمڪندڙ چهري تان رت اگهي تسلي لاءِ اوزنگريب آڏو آڻي پيش ڪيو ۽ اورنگزيب، پنهنجي نوڪر اعتبار خان کي حڪم ڏنو ته، جڏھن والد شاھجهان کاڌي جي ميز تي اچي ويهي،  ان گهڙيءَ هي پيتيءَ ۾ بند تحفو وڃي پيش ڪجو ۽ ٻئي ڏينهن جيئن ئي هي پيرسن پيءُ کاڌي جي ميز اڳيان اچي ويٺو ته ائين ئي ڪيو ويو ۽ ٻڍڙي قيدي بادشاھ، جيئن ئي صندوق جو ڍڪ مٿي ڪيو ته پهرين ئي نظر پنهنجي ان پياري شهزادي جي چهري تي پئي، ته هن پنهنجي سفيد ڏاڙهي پٽيندي، پنهنجو سڄو منهن رتو رت ڪري ڇڏيو ۽ بي هوش ٿيندي، جڏھن هو هيٺ ڪريو ته، سونا ڏند ٿانون ۽ ميز سان لڳڻ ڪري ٽُٽي پيا ۽ ايتري ۾ دارا جي سڳي ڀيڻ ۽ ٻيون گهرواريون اچي ويون، جن پنهنجا وار پٽڻ، ڪپڙا ڦاڙڻ، زيور ڀڃڻ، سينو ڪٽڻ ۽ آھون، دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. شهزادي دارا جي شهادت عوام ۾ شهزادي لا۽ ايتري ته محبت ۽ اورنگزيب لاءِ ايتري ته نفرت پيدا ڪئي هئي جو هڪ شاعر ان وقت هڪڙو شعر چيو هو ته، “ڪيئن وقت بدڪردار اورنگزيب کي/ڏسو صفحو 7 بقايا 01

 تخت تي ويهاريو، شاھجهان کي قيدي بڻايو، دارا کي اجل جو منهن ڏيکاريو، بخت جي هڪ ڦيري هڪ ظالم (اورنگزيب) جي مٿي تي تاج رکايو ۽ شهزادي دارا جو سر لهرايو”. اهو شعر هر مرد، عورت، ٻار ٻڍي جي واتان هر وقت، هر گهٽيءَ ۾ پيو گونجندو رهندو هو ۽ جڏھن اها خبر اورنگزيب کي پئي ته، هن حڪم جاري ڪيو ته، جيڪو به اهو شعر ڳائي، ان جي زبان ڪٽي وڃي ۽ اخر مغل سلطنت جي شهزادي دارا شڪوه کي سندس والده جي پيرانديءَ تاج محل ۾ دفن ڪيو ويو ۽ برصغير جي وڏي عالم، سياستدان مولانا آزاد، سرمد شهيد جي پيرن ۾ دفن ڪرڻ جي وصيت انڪري ڪئي هئي جو سرمد شھيد، دارا جو عاشق ۽ مريد هو ۽ مولانا آزاد به چاهيو ٿي ته جيئن ئي روز محشر، عاشق، معشوق سان ملڻ ايندو ته، آئون به ان وقت ان عظيم انسان ۽ سونهن جي صاحبزادي جو ديدار ڪري وٺندس.

ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارينءَ،

رندن مٿان رت، هار ته پسين هوت کي.