ايران جو اسرائيل تي حملو- ملي ڀڳت يا ردِ عمل؟

0
36
ايران جو اسرائيل تي حملو- ملي ڀڳت يا ردِ عمل؟

 ايران ۽ مغربي ميڊيا مطابق، گذريل ڏينهن ايران اسرائيل تي درجنين ڊرون ۽ ڪروز ميزائلن سان سڌو حملو ڪري ڇڏيو. ايراني اختيارين ان حملي کي دمشق ۾ پنهنجي سفارتي عملي کي نشانو بنائڻ جو رد عمل قرار ڏنو آهي. مغربي ۽ عرب سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق، اسرائيل تي ايران جي سڌي حملي سان اسرائيل ۾ خوف و حراس ڦهلجي ويو آهي.

                 غزا جي جنگ جي ڪري اسرائيلي ميڊيا تي اڳ ۾ ئي لاڳو ٿيل سينسرشپ جي جنگي قانونن کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. اسرائيل تي ايراني حملي جي نتيجي ۾ ترڪيه، شام، لبنان ۽ عراق پنهنجي فضائي حدن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪويت بين الاقوامي اڏامن جو رخ موڙي ڇڏيو آهي. ايراني رهبر آيت الله سيد علي خامنه اي جو چوڻ آهي ته انسانيت دشمن بدنيت صيهوني حڪومت کي ان جي ڏوهن جي سزا ڏني ويندي. هوڏانهن آمريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته ايراني ڊرونز ۽ ڪروز ميزائل حملي کي ناڪام بنائڻ لاءِ آمريڪا اسرائيل جي مدد ڪئي آهي. ياد رهي ته اسرائيل ۾ تعليمي سرگرميون اڳ ۾ ئي معطل آهن. ايراني حملي کانپوءِ نه صرف زندگي جو ڪار وهنوار شديد متاثر ٿيو آهي پر ڪيترن ئي شهرن ۾ حڪومت خلاف احتجاج پڻ ٿيا آهن. ٻئي طرف والاريل بيت المقدس ۽ فلسطين ۾ فلسطيني مسلمان رستن تي نڪري آيا ۽ انهن آزاديءَ جي حق ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳائيندي ايراني حملي کي درست قرار ڏنو.

مغربي ۽ عرب تجزيه نگارن جو ان حملي جي حوالي سان رد عمل گاڏڙ ساڏڙ آهي. اسلامي دنيا ۽ پاڪستان ۾ آزاد خيالي جا دعويدار دانشور ۽ سوشل ميڊيا مجاهدين اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ۾ صرف پيش پيش ئي نه آهن پر گڏوگڏ انهن جي دعوا آهي ته اهو حملو آمريڪا جي اجازت سان ڪيو ويو آهي، ته جيئن ايراني رجيم دمشق سانحي کانپوءِ پنهنجي عوام کي مطمئن ڪري سگهي. ايراني حملي جي حوالي سان اسرائيلي بچاءُ جي وزير جو چوڻ آهي ته ايران 100 جي لڳ ڀڳ ڊرونز کان علاوه درجنين ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل اسرائيل ۾ چِٽيا، جن ۾ گهڻا ته اسرائيلي فضائي حدن کان ٻاهر ئي تباهه ڪيا ويا. ان دوران اسرائيلي سڌ سماءَ جي ذريعن بچاءُ جي وزارت جي اختيارين جي حوالي سان اها خبر به ڏني آهي ته گذريل ڏينهن ئي اسرائيل ڏکڻ لبنان تي بمباري ڪئي، جنهن جي جواب ۾ حزب الله لبنان، اسرائيل تي ميزائل حملا ڪيا ۽ حزب الله توڙي ايران جي اتحادي يمني حوثين پڻ اسرائيلي مفادن تي حملا ڪيا.

آمريڪا ۽ برطانيا اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪندي هن کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. ستم ظريفي اها آهي ته اهي ئي ٻه قوتون سرڪاري طور تي اسرائيلي درندگي (غزا جنگ) جون نه صرف حامي آهن پر انهن جو چوڻ آهي ته اسرائيل پنهنجي بچاءُ جو حق استعمال ڪري رهيو آهي.

اسرائيل تي ايراني حملي کانپوءِ ايران اسرائيل جي پاڙيسري اسلامي ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل لاءِ پنهنجون فضائي حدون کوليندڙ ملڪ کي دشمن سمجهي ان کي نشانو بڻايو ويندو. ٻئي طرف اسرائيلي وزير جنگ ياواگيلنٽ جو چوڻ آهي ته دشمن تي اهڙو وار ڪنداسين جو اهو سالن تائين پاڻ سنڀالي نه سگهندو. ياد رهي ته غزا جنگ جي شروعات کانپوءِ اسرائيل عراق، شام ۽ لبنان جي مفادن تي حملن کانسواءِ عراق ۽ شام ۾ ايراني مفادن کي به نشانو بڻايو.

هفتو کن اڳ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ دمشق ۾ ڪيترائي ايراني سفارتڪار مارجي ويا هئا. ان کانپوءِ ايران اسرائيل کي جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي شروعات ٻه ٽي ڏينهن اڳ آبناءِ هرمز ۾ اسرائيلي ڪمپني جي هڪ بحري جهاز کي ايراني فورسز پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ سان ٿي. ان کانپوءِ ايران اسرائيل تي سڌي ريت حملو ڪري ڇڏيو. ايراني حملي ۾ جاني، ملڪيتن ۽ دفاعي تنصيبات کي تِر جيترو نقصان نه پهچڻ جي دعويدار اسرائيلي اختيارين پنهنجي دعوائن جي ابتڙ سڌ سماءَ جي ذريعن تي لاڳو سينسرشپ کي جنگي قانونن جي تابع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان عمل مان اها ڳالهه ته بهرحال واضح آهي ته صورتحال اهڙي هرگز نه آهي، جنهن جي دعوا اسرائيلي ۽ ان جا ساٿاري ڪري رهيا آهن. ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل گذريل ڏينهن ۾ جنهن ايئربيس تان دمشق ۾ ايراني سفارتڪارن کي نشانو بڻايو هو، ايراني حملي ۾ ان ايئربيس کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ايراني اختيارين به پنهنجي دعوا جي حق ۾ ڪجهه وڊيوز جاري ڪيون آهن. اسرائيل جي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو علائقي ۾ بجلي جي سپلاءِ معطل ٿي وئي آهي. اهڙي ريت اسرائيل غزا جي حدن مان پنهنجا جنگي جهاز بنا دير جي ڪڍي ورتا آهن.

اهو چوڻ درست هوندو ته اسرائيل ۽ ان جي ساٿارين کي ايران مان اهڙي شديد رد عمل جي اميد ڪانه هئي. اها بدقسمتي ئي آهي جو اسلامي ملڪن جي سوشل ميڊيا تي ايران جي اسرائيل تي حملي کي فرقيواراڻو رنگ ڏيئي پيش ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه حلقا ان کي به ملي ڀڳت جو نتيجو قرار ڏيئي رهيا آهن پر اهي ان سوال جو جواب ڏيڻ کان لنوائين پيا ته اسرائيل جي پاڙيسري عرب ملڪن اهڙي ئي ملي ڀڳت سان پنهنجي عوام جون دليون ڇو نه کٽيون، جيڪي غزا جنگ ۾ پنهنجي حڪمرانن جي بي اصوليءَ تي ماتم ڪري رهيا آهن؟

ان معاملي تي ڪي به ٻه رايا هرگز ناهن ته جنگ گلن جي سيج نه پر تباهي ۽ برباديءَ جي ماءُ آهي. افسوس ان ڳالهه تي آهي ته آمريڪا ۽ اتحادي جنهن شدت سان اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪري رهيا آهن، ان کان 50 سيڪڙو گهٽ انداز ۾ انهن غزا تي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ناهي ڪئي، بلڪه آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس غزا جي جنگ جي شروعات کان ئي اسرائيل کي جديد هٿيار ۽ گولا بارود توڙي ٻيا جنگي وسيلا فراهم ڪرڻ کان علاوه بحري ۽ فضائي تحفظ ڏيڻ لاءِ به قدم کنيا. انهن حالتن ۾ اولهه ۽ عرب دنيا کان علاوه ٻين خطن مان جيڪي ملڪ ۽ دانشور توڙي تجزيه نگار ايراني حملي کي ڦلهيار جو ڍڳ ثابت ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آهن، انهن کي روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي ان بيان کي ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي ته آمريڪا ۽ برطانيا ٽئين عالمي جنگ جو دروازو کولڻ کان گريز ڪن. روسي صدر جي تنبيهه کي زباني جمع خرچ قرار ڏيڻ نسورو غلط هوندو. اسرائيل تي ايراني حملي دوران ئي حزب الله اسرائيل جي دفاعي نظام کي جهڙي ريت نشانو بڻايو، تنهن مان به ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته جيڪڏهن جنگ جو دائرو وڌيو ته ان سان صرف اسرائيل ۽ پاڙيسري عرب ملڪ متاثر نه ٿيندا پر ان جا اثر پري تائين محسوس ڪيا ويندا.