سَڄَڻَ ساھَ پَساھَ ۾ … فڪري سياست جو سرواڻ سيد امداد محمد شاھ

0
25
سَڄَڻَ ساھَ پَساھَ ۾ ... فڪري سياست جو سرواڻ سيد امداد محمد شاھ

 سِنڌُ سَموري سونُ آھي، پر ڪي اھڙيون املھ شخصيتون به ٿي گذريون آھن، جن جو احساسُ سَموريءَ سِنڌُ لاءِ ٿَڌي پاڻيءَ جي گَهڙي ۽ نِمُ جي گهاٽيءَ ڇانوَ جيان رھيو آھي، سيد امداد محمد شاھ به اھڙين ئي شخصيتن مان ھڪ ھو، جنھن جي ذڪر کان سواءِ سِنڌُ جي شَعوري، سَماجي، علمي، اَدبي، سياسي ۽ قومي جاڳرتا جو اتھاس بنھ اڌورو ۽ اڻ پورو آھي.

                 سيد امداد محمد شاھ، پاڻ کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ھڪ گهاٽو ۽ ڇانوَ ڏيندڙ وَڻُ ثابت ڪيو ھو. ھُو انتھائي محنتي ۽ کاھوڙي شخص ھو، جنھن سنڌ جي خوشحاليءَ، ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪنھن مخصوص شعبي ۾ ڪم ڪرڻ بجاءِ ڪيترن ئي محاذن ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ تعليم، صحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي اھم ھئا. ان کان سواءِ ادب، سياست ۽ سماجي جاڳرتا پڻ ذڪر جوڳا آھن. ھُن جو گهڻو زورُ تعليم تي ھو.

سيد امداد محمد شاھ جھڙا ارڏا ۽ اڏول، سھڻا ۽ سچا ماڻهو صدين کان پوءِ جنم وٺندا آھن. ھُو ھڪ فرد نه پر ھڪ تحريڪ ھو، جنھن ڏينھن رات ھڪ ڪري، سنڌ جي ڏکين ۽ بکين ماڻهن جي دردن، تڪليفن، اھنجن ۽ ايذائن جو علاج ۽ سندن واھر ڪئي. ھُن تعلقي سڪرنڊ جي، سڪرنڊ، لانڍي، مجيد ڪيرئي، حمل فقير لغاري ۽ ٻين ھنڌن تي، مسجد اسڪول، پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول ۽ ھاءِ اسڪول کولرائي/قائم ڪرائي ۽ انھن جون بلڊنگون ٺھرائي، وڏو ڪم ڪيو ھو. ان کان سواءِ ھُن صحت مرڪز، ھنري مرڪز ۽ خوراڪ کاتي جا گودام ٺھرائي، ڪيترن ئي ماڻهن کي بيروزگاريءَ، بک ۽ بدحاليءَ کان بچايو. تعليم جي ترقيءَ ۽ مختلف ترقياتي ڪمن کان سواءِ سندس ھڪ ٻيو وڏي ۾ وڏو ۽ ڳڻپ جوڳو ڪم سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليءَ جي شاعر حمل فقير لغاريءَ کي صحيح معنا ۾ روشناس ڪرائڻ ھو. حمل فقير لغاريءَ کي وڏي پئماني تي منظر تي آڻڻ، اُن جو ميلو لڳرائڻ، ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ، مختلف نمائشون لڳرائڻ ۾ سندس تمام وڏو ڪردارُ ھو. ھڪ دفعي آئون پنھنجي ھڪ بزرگ سان گڏجي سائينءَ جي سوسائٽي نواب شاھ واري بنگلي تي به ويو ھئس، ساڻس ڪيتريون ئي رسمي ملاقاتون ٿيون ھيون ۽ کيس ڪجھ پروگرامن ۾ ٻُڌڻ جو موقعو پڻ مليو ھو. سيد امداد محمد شاھ نھايت ئي سادگي پسند ھو، ھُن ڄاتو ٿي ته سادگيءَ کي پنھنجو حُسن ٿيندو آھي. پاڻ اڪثر ڪري پَھراڻ پائيندو ھو، ڪڏھن ڪڏھن ڄاريءَ واري اَڇي ٽوپي پائيندو ھو. ھُو خانداني شخص ھو، ان ڪري اجايو ٺٺ ٺانگر ۽ ٺاھُ ٺوھ ھُن لاءِ بنھ بي معنا ھوندا ھئا.

سيد امداد محمد شاھ جھد ۽ جاکوڙ جي علامت ھوندو ھو. ھُنَ جي ھڪ خوبي اھا به ھئي ته ھُو سدائين واضِحُ ۽ چِٽو موقف رکندو ھو. ھُو انفرادي فائدي بجاءِ اجتماعي حقن جو حامي ھو. سنڌ جي خوش قسمتيءَ جي ڳالھ ڪندي، سيد امداد محمد شاھ ھڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ھو ته: “سنڌ انھن خوش قسمت خِطَن سان مطابقت رکي ٿي، جيڪي دنيا جا خوشحال ۽ آسودا ملڪ آھن”. ھُو ماڻهن کي علم، ادراڪ ۽ شعور واريون اکيون ڏيڻ وارو سياستدان ھو. ھُو قاعدي ۽ قانون جو پاسدارُ ھو. ھُو سدائين لُٽيندڙ، ڦُريندڙ ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪندڙ طبقي جي ڀيٽ ۾ مظلومن جو حامي ۽ حمايتي ھو. کيس ويڪائو مالَ ۽ باشعور سَڏائي جَھالت وارا ڪم ڪرڻ وارن کان سخت نفرت ھئي. سيد امداد محمد شاھ سچو، بيباڪ، کرو ۽ جرئتمند سياستدان ھو. ھُن سدائين بي خوف، بي ڊپو ۽ بي لالچو ٿي، پنھنجي ماڻهن جي خدمت ڪئي ھئي. ھو سياست کي خدمت ۽ عبادت سمجهندو ھو.

سيد امداد محمد شاھ ھڪ انٽرويو ۾ چيو ھو ته: ”آئون پنھنجيءَ سڄيءَ عمر ۾ صرف ھڪڙيءَ سياسي پارٽي عوامي ليگ ۾ رھيو آھيان. ان کان سواءِ ٻيو ڪڏھن به ڪنھن سياسي پارٽيءَ سان گڏ نه رھيو آھيان. باقي خيالن جي ھڪ جھڙائي ھر ان پارٽيءَ سان رھي آھي، جنھن وٽ چڱي ڳالھ رھي آھي.“

سيد امداد محمد شاھ سنڌ جو اھو ھڏڏوکي، انسان دوست، عوام دوست، سچو، بھادر ۽ بي باڪ اڳواڻ ھو، جنھن ھميشه پاڻ کي ھڪ سچو ڪارڪن ثابت ڪيو ۽ پنھنجو سُکُ، چينُ ۽ آرامُ ڦِٽائي، پنھنجي تَرَ، خِطي، علائقي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. ايم پي اي ھجڻ واري دور 1985ع ۽ 1988ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪيل سندس تقريرون ۽ بحث نھايت ئي اھم آھن. (جيڪي اڄ به رڪارڊ تي موجود آهن) جن جو مرڪز ۽ محور سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ غريب، مسڪين ۽ ضرورتمند طبقي جي حمايت ۽ اڳواڻي ڪرڻ ھو. سنڌ اسيمبليءَ جي تاريخ ۾، جن ماڻهن سِنڌُ ۽ سِنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ پنھنجو آوازُ بلند ڪيو آھي، انھن ۾ سيد امداد محمد شاھ جو نالو نمايان نظر اچي ٿو.

سائين مير محمد پيرزادو کيس رَڄُ مڙس سمجهندو ھو. سندس چواڻي ته: “سيد امداد محمد شاھ تَڏي جو تونگر، ٻول جو کرو، بھادر، ايماندار، بي لوث، اورچ، ڳڻ وارو ۽ سدا ملوڪ مَٿير مڙس ھو. جنھن کي ورتاءَ، رھڻي ڪھڻي، سڀاءَ ۽ لڇڻن مان سنڌي ثقافت، تھذيب ۽ رواداريءَ جو مجسمو ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو.“ سيد امداد محمد شاھ جي نگاھ چند سيڪنڊن ۾ صدين جا فاصلا طئي ڪري وٺندي ھئي، ھو انتھائي باخبر ۽ سُجاڳ ذھن جو مالڪ ھو. ھو فيصلا ڪرڻ جو وڏو امين ھو. ھُن ڪيترائي ڏکيا ڏکيا فيصلا ڪري، سنڌ جي امن ۽ اھنسا واري روايت کي قائم رکيو ۽ ان جي پاسداري ڪئي. ھُنَ وٽ ڪابه ھيرا ڦيري، تيري ميري ڪانه ھوندي ھئي. ھُو ٿاڻي واري، ٻَڌيءَ ڇوڙيءَ واري سياست جي بجاءِ فڪري سياست جو سرواڻ ھو. ھُنَ وٽ امير کي ڏسڻ لاءِ اميراڻي، ۽ غريب کي ڏسڻ لاءَ حقيراڻي نگاھَ ڪانه ھئي، ھو امير ۽ غريب کي ساڳيءَ ئي احترام واريءَ اَکِ سان ڏسندو ھو. ھُن جي نظر ۾ انسان صرف انسان ھو، ڪوبه برھمڻ، کتري، شودر يا اڇوت ڪونه ھو.

سيد امداد محمد شاھ پنھنجي والد محترم سائين جي ايم سيد وانگر، سنڌ جي روايتي وڏيرن ۽ شاھن کان بنھ مختلف ۽ منفرد طبيعت جو مالڪ ھو. پاڻ ڪنھن کي به درد ۽ تڪليف جي چَڪيءَ ۾ پيسجندي ڏسي نه سگهندو ھو. سندس تقريرون، انٽرويو، پريس کي ڏنل بيان ۽ ذاتي ڪچھرين ۾ ڪيل گفتگو اڄ به رڪارڊ تي موجود آھي. سندس انٽرويوز ۽ ڪالمن جو ڪتاب “زندگي کليل ڪتاب” سندس بي باڪيءَ، بَھادريءَ، بيداريءَ، سجاڳيءَ ۽ سَچائيءَ جو گَواھُ آھي.

سيد امداد محمد شاھ کي ڳڻتي ھوندي ھئي ته: “اسان وٽان ھڪڙي محنت ۽ ٻيو ھنر ڇڏائي ويو آھي”. سيد امداد محمد شاھ جي شخصيت ۽ ڪردار تي سوچيندي، منھنجي تصور ۾ سيد جلال محمود شاھ، سيد ضياءُ شاھ ۽ سندس ھم شڪل ۽ ھم فڪر پُٽُ سيد زين العابدين شاھ تَري اچن ٿا، جيڪي سندس فڪر ۽ فھم واريءَ لاٽَ کي روشن رکيو اچن.