شڪارپور- جتي قلم ڌڻي غير محفوظ آهن

0
27
شڪارپور- جتي قلم ڌڻي غير محفوظ آهن

شڪارپور- جنهن جو نالو ته اڄ به ساڳيو آهي پر سندس تعارف ۾ تبديلي آئي آهي بدامني، لاقانونيت ۽ ڏوهي وارداتن توڙي پوليس گردي سان مشهوري ماڻيندڙ شهر شڪارپور پنهنجو نئون تعارف پيش ڪري رهيو آهي. شهيد قيوم منگيءَ جي مزاج جهڙو ماٺيڻو ۽ شيخ اياز جو اباڻو شهر ماضيءَ جو پئرس جنهن جي چهري تي بدامني ڌاڙيلن سان گڏ هاڻي پوليس گرديءَ جا تسلسل سان وڌندڙ واقعا شڪارپور جي پراڻي ۽ رهجي ويل شناخت تي تيزاب جو ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي هن شهر ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جو لفظ ‘قانون’ جي نالي تي لاقانونيت جو لقاءُ نظر نه ايندو هجي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه انهن ادارن جي نَڪَ هيٺان ٿئي ٿو، جن کي پاڻ وٽ سولي سنڌيءَ ۾ “قانون جو محافظ” سڏيندا آهن.

                 دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ پوليس جو تعارف ڀلي ‘مدد ڪندڙ’ مهذب ۽ خوش اخلاق جهڙن خوبصورت لفظن سان شروع ٿيندو هجي پر سنڌ ۾ پوليس سالن کان وحشت ۽ هيبتناڪيءَ جو اهڙو اهڃاڻ بڻيل آهي جنهن کان هر امن پسند معاشري جو ماڻهو ڇرڪي ۽ پناهه گهري ٿو. اڪثر ٿاڻن اندر شڪارپور ون فائيو جي هاڻوڪي انچارج جهڙا آفيسر مقرر ٿيل هوندا آهن. شڪارپور ون فائيو جهڙو ڪو صوبيدار صاحب يا ان جهڙي مزاج وارا جمعدار يا سپاهي ڪنهن جوابدار کي ڄڻ ته گارين جي ڪيل ڪورس مان ست سريون پيا ٻڌائيندا يا سچ پترن جو ڦهڪو ٻڌڻ ۾ ايندو. سنڌ جي خاص طور اتر وارن ضلعن ۾ نه صرف ٿاڻن جو تصور ڏينهون ڏينهن ڀيانڪ ٿيندو ٿو وڃي پر ٿاڻن تي مقرر اڪثر ايس ايڇ اوز جو رويو ڪنهن ڀارتي فلم جي ولن جهڙو ٿي ويو آهي.

عيد کان هڪ ڏينهن اڳ شڪارپور شهر جي ون فائيو جي انچارج شڪارپور جي سينيئر صحافي عديل علوي کي ان وقت سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن شڪارپور ون فائيو جو انچارج ماڻهن کي روڪي عيد ڪاغذن جي چيڪنگ بهاني عيد خرچيءَ جي نالي ۾ ڀتو گهري رهيو هو ۽ قطار ۾ ماڻهن جو بيٺل هجوم ڏسندي سينيئر صحافي عديل علوي معاملي جي جاچ لهڻ لاءِ واقعي واري هنڌ پهتو ته ان صوبيدار جي ڄڻ وصوليءَ واري لنڪا ئي لڏي وئي. ان ڪڌي عمل ۾ رڪاوٽ محسوس ڪندي هو ڪوريج لاءِ پهتل صحافي عديل علوي مٿان مڇرجي پيو ۽ پنهنجي پٽي ڀائي ساٿين سان گڏجي عديل علوي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان بدترين تشدد سبب سينيئر صحافي جي نه صرف اک سخت متاثر ٿي آهي پر ڪن جي پردي کي به ڪافي نقصان رسيو آهي. شڪارپور پوليس جي اهڙي ڪڌي حرڪت خلاف نه صرف شڪارپور جا صحافي، پر شاعر اديب قومپرست ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو روڊن تي نڪري مسلسل احتجاج پيا ڪن. اهڙو عوامي دٻاءُ پوڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمي پاران ون فائيو جي انچارج جي معطلي جو نوٽيفڪيشن ڪڍي صحافين توڙي سراپا احتجاج بڻيل شهرين جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته معطلي باوجود اهو ساڳيو بدمست آفيسر پنهنجي جاءِ تي ڊيوٽي پيو ڪري کيس. ڪوبه لهر لوڏو ناهي. پوليس جي ان قسم جي غيرسنجيده رويي خلاف شڪارپور جي قلم ڌڻين، سياسي سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين پاران شڪارپور پوليس جي ون فائيو انجارچ ۽ سندس ٽنهي ساٿين مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ توڙي عديل علوي سان اظهار يڪجهتي لاءِ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ شڪارپور جي صحافين سياسي تنظيمن توڙي سول سوسائٽي جي اڳواڻن تي مشتمل ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سينيئر صحافي زاهد نون، وحيد بروهي، سارنگ ٻپڙ، پروفيسر افضل شيخ، آغا منير پٺاڻ، راشد لاشاري ۽ روي ڪمار والميڪي کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي گڏيل صلاح سان قانوني طريقو اختيار ڪرڻ گڏ جدوجهد جاري رکڻ لاءِ شڪارپور جي قلم ڌڻين ۽ سڄاڻ ڌرين سان رابطو رکندا.

پوليس پاران صحافين تي تشدد، ڌمڪيون ڏئي ڊيڄارڻ جو هي ڪو پهريون واقعو ناهي. اسان وٽ وڏيرن ۽ پوليس پاران صحافين کي پروفيشنل ذميوارين کان روڪڻ ۽ ڏاڍ جبر ذريعي قلم توڙي ڪئمرا کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ جا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن. سنڌ پوليس جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ اڳيان سوال اهو به آهي به هي پوليس کاتي ۾ ون فائيو جي هاڻوڪي انچارج جهڙا آفيسر جيڪي بظاهر ته عوام جي جان مال جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيل آهن، اهي ڇو پنهنجي فرض شناسيءَ جي ابتڙ انا جي انڌ ۾ جنوني ٿي پيا آهن؟ سنڌ جي سڀني نه پر اڪثر ٿاڻن تي مقرر پوليس آفيسرن جو مائينڊ سيٽ اهو ئي آهي. اگر حڪومت اهڙن معاملن کي سنجيده نٿي وٺي ته پوءِ سنڌ پوليس جي ڪمانڊ سنڀاليندڙ آءِ جي غلام نبي ميمڻ کي گهرجي ته هر ٿاڻي تي اهڙن پوليس آفيسرن لاءِ ڪو نفسياتي ماهر يا گهٽ ۾ گهٽ علم، ادب ۽ اخلاق سيکاريندڙ استاد مقرر ڪن ته جئين پوليس عملي ۾ ڪجهه ماٺار اچي. ماڻهن تي انسانيت سوز تشدد بدران فرض شناسيءَ کي سمجهي سگهن.