قمبر ( رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي ڊي ايچ او ڊاڪٽر قربان مگسي کي بدلي ڪري  شهدادڪوٽ اسپتال جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪري ڇڏيو، جڏھن ته شهدادڪوٽ جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو کي قمبر ضلعي جو ڊي ايچ او مقرر ڪيو آھي، جيڪو چارج وٺڻ قمبر پهتو ته کيس چارج ڏيڻ بدران ڊاڪٽر قربان مگسي 11 آگسٽ تائين موڪل تي روانو ٿي ويو.