مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) مٺي شھر ڀرسان ڏيپلو باءِ  پاس تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي اڳواڻي ۾ روينيو عملي ۽ پوليس اٽالن ڪارروائي ڪري جيتو مهشوري ۽ ڏيون  ميگهواڙ جي سروي زمين تي ويٺل هارين جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، ٻي طرف ڪارروائي خلاف زمين جا مالڪن جيتو مهشوري ۽ ڏيون ميگهواڙ توڙي متاثرن  مظاهرو ڪري ڪشمير روڊ تي ڌرڻو هنيو،  جتان احتجاجي ريلي ڪڍي مٺي اسلام ڪوٽ باءِ پاس ڌرڻو هڻي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي حميد مغل ۽ ڊي ايس پي سڄاڻ سنگھه احتجاج واري هنڌ پهچي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ملازمن ۽ انتظاميا ۾ چڪريون ٿي پيون، ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد ڊي ايس پي وچ ۾ پئجي ڳالهين ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو، ٻي طرف سروي زمين جي مالڪن جتيش مهشوري، ڏيون ميگهواڙ،ڀواني لانگهڻي سميت متاثر ٿيل هارين دانهيندي چيو ته روينيو ڪامورا اسانجي زمين ڀرسان سندن ملي ڀڳت سان ڪيل قبضا هٽائڻ بدران سروي زمين تي ويٺل هارين جا گهر ڊاهي کين بي گهر ڪيو، جيڪو وڏو ظلم آھي، هنن الزام هنيو ته اسان کان رشوت گهري وئي نه ڏيڻ تان ڪارروائي ٿي. 20 کان وڌيڪ خاندانن کي بي گهر ڪيو ويو، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن اي سي حميد مغل ۽ مختيارڪار غلام مصطفي کوسو چيو ته سرڪاري زمين تي ويٺل هارين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آھي، سروي زمين جي دعويٰ ڪندڙن جا هاري سروي بدران ڀرسان سرڪاري زمين تي گهر ٺاهي ويٺل هئا انڪري سندن گهر ڊاهي قبضو خالي ڪرايو.