ميروخان (ن پ ا) عيدالضحيٰ ڏهاڙي پ پ سٽي ميروخان جي صدر لياقت ابڙو جي پٽ اُساما جي مبينا فائرنگ ۾ نينگر ابراهيم پٽ سردار تونيو کي زخمي ڪرڻ واري مامري جو جرڳو پ پ اڳواڻ  عبدالظاهر تونيو جي اوطاق تي ايم پي مير نادر  مگسي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، الزام ثابت ٿيڻ تي  پ پ سٽي صدر لياقت ابڙو جي پٽ اُساما مٿان 25 لک ڏنڊ لڳايو، ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جرڳي جي اهڙي فتويٰ بعد نينگر جا وارث عبدالرشيد تونيو، سردار علي تونيو ۽ پ پ سٽي صدر لياقت ابڙو جون ڌريون فيصلي کي مڃيندي کير کنڊ ٿي ويون آهن. واضع رهي ته نينگر جي وارثن بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ سٽي صدر جي مخالفت ڪرڻ تي اهڙو واقعو پيش اچڻ جو الزام هنيو هو،اُساما ابڙو خلاف ميروخان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.ٻڌايو پيو وڃي ته فيصلي بعد فريادي ڌر پاران راضي نامو لکي ڏيڻ کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويندو.