ڊرائيور بنجڻ جي ڪوشش: ڪتي ڪار کي پاڻي ۾ لاهي ڇڏيو

0
291

بيجنگ: (دلچسپ نيوز) چين جي صوبي زي جوانگ ۾ هڪ شهري پنهنجو پالتو ڪتو گاڏي ۾ ڇڏيو جنهن سبب کيس سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پيو.ميڊيا رپورٽ موجب چيني شهري جي گاڏي ۾ ان جو پالتو ڪتو موجود هو. جڏهن هن روڊ جي پاسي ڪار پارڪ ڪئي ته هن گاڏي جو انجڻ کليل ڇڏي ڏنو ته جيئن هو جلد واپس اچي پنهنجي منزل طرف روانو ٿي وڃي. چيني شهري جي گاڏي مان لهڻ کان پوءِ ڪتي دير ئي نه ڪئي ۽ هن مالڪ جي لهڻ کان پوءِ گاڏي جي گيئر اسٽڪ کي ڇيڙيو جنهن سبب ڪار روڊ جي پاسي ۾ موجود مصنوعي پاڻي جي تلاءَ ۾ وڃي ڪري ۽ مالڪ کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.گاڏي پاڻي ۾ ڪرڻ سبب ان جي برقي شين ۽ سيٽن کي سخت نقصان پهتو.