ڀارت ۾ هاڻ ڊاڪٽرن کي جنات جوڪورس پڙهايو ويندو

0
470

نئين دهلي: (دلچسپ نيوز) ڀارت جي هڪ مشهور يونيورسٽي هاڻ ڊاڪٽرن کي جنات ڪورس پڙهائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.بنارس هندو يونيورسٽي 6 مهينن جو سرٽيفڪيٽ ڪورس شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي جنات وديا(جنات مطالعو) جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جو مقصد ڊاڪٽرن کي اهڙي مريضن جي علاج ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي جيڪي جنات يا ٻئي ڪنهن مخلوق جي چنبڙي وڃڻ جي شڪايت ڪندا آهن.بنارس يونيورسٽي موجب هن ڪورس جو مقصد اهڙن مرضن جي نشاندهي به آهي جنهن کي جنات يا ڪنهن سائي وغيره سان جوڙيو ويندو آهي.ڏٺو وڃي ته هي ڪورس بهتر آهي جنهن ۾ ماهرن کي اهڙن مريضن جي مدد جي تربيت ڏني ويندي پر هي ڪورس هندو تهذيب جي روايتي علاج يعني آيورويدڪ ماهر ئي پڙهائيندا آهن جنهن کان پوءِ ماڻهن انهن تي تنقيد به ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ يونيورسٽي ۾ هڪ ڌار شعبو به قائم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سوشل ميڊيا ۽ ٽوئٽر وغيره تي بنارس يونيورسٽي جي ان ڪورس جو مذاق اڏايو پيو وڃي. اڪثريتي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ضروري آهي ته اهڙن ماڻهن جو دماغي علاج سائنسي بنيادن تي ڪيو وڃي ته جيئن ان جي جنات وغيره جو اثر ختم ٿي سگهي.