سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري روڪرائڻ لاءِ وڪيل شبير شر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت شماريات کاتي سميت لاڳاپيل اختيارين کي اربع ڏينهن (اڄ) طلب ڪندي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ خيرپور واسي شھري عبدالستار شر ڊجيٽل مردم شماري روڪڻ لاءِ قانوندان شبير شر معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر آهن، سوين ڳوٺ هن وقت تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ماڻهو ٻين جاين تي منتقل ٿيل آهن، لکين ماڻهو گهرن ۾ موجود ناهن ته آدمشماري ڪيئن ٿي سگهي ٿي. وڪيل شبير شر مطابق پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري غير آئيني ۽ غيرقانوني آھي تنھن ڪري متاثرن جي بحالي، قانوني ۽ آئين قدمن جو پورائو ڪرڻ کان پوءِ آدمشماري ڪرائي وڃي. تيستائين ڊجيٽل آدمشماري ملتوي ڪئي وڃي. وڪيل شبير شر مطابق عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ڌرين کي اڄ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.