ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سانا اڳواڻن وليد شيخ ۽ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي، ڊجيٽل آدمشماري ۾ موجود خاميون ختم ڪرڻ  سميت رمضان المبارڪ جي آمد کي نظر ۾ رکندي آدمشماري ملتوي ڪئي وڃي، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو ڊسمبر 2021ع ۾ اعلان ڪيو هو، موجوده حڪومت انهي تسلسل کي برقرار رکندي 4 کان 30 مارچ تائين مردمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪندي سيڪريٽري  شماريات غلام سرور گوندل کي ذميواري سونپي آھي، هنن چيوته  ڊجيٽل آدمشماري ۾ رھجي ويل نقص ٺيڪ ناهن ٿيا، تازو  شماريات جي ڪمشنر نعيم ظفر  کي سنڌ جي مختلف آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن گڏجاڻي ڪري پنهنجن خدشن کان آگاھي ڏني ، هن چيوته ھي آدمشماري ھڪڙي سياسي پارٽي جي خواھش تي ٿئي پئي، حڪومت زبردستي آدمشماري ڪرائي ٿي ته پوءَ سنڌ واسي وڌ کان وڌ حصو وٺن ۽ پاڻ کي اقليت کان بچائڻ گهرجي، هنن چيو ته سنڌ ۾ 43 ھزار 838 بلاڪن جي ڳڻپ لاء 28 ھزار 242 عملو مقرر ٿيل آھي، جيڪي 10 ڏينهن ۾ ڳڻپ ڪري نٿا سگهن،  هنن مطالبو ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري مان  خامين کي ختم ڪري، ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي بعد ئي آدمشماري ڪرائي وڃي.