ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر حڪيم سعيد جي قتل ڪيس مان آزادي بعد گم ٿيل متحده ڪارڪن اعزاز الحسن 6 سالن کان بازياب نه ٿي سگهيو، عدالت لاڳاپيل ڌرين کان 28 مارچ تائين تفصيلي رپورٽون طلب ڪري ورتيون، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل محفوظ يار خان ٻڌايو ته سيد اعزاز الحسن حڪيم سعيد قتل ڪيس مان آزاد ٿي ويو ھو، بينڪاڪ کان واپسي تي کيس گرفتار ڪيو ويو ھو، هڪ مهيني بعد آزاد ٿيڻ بعد سيد اعزاز الحسن 2017 کان گم آهي، 14 جي آءِ ٽيز ٺهڻ  باوجود ڪا اڳڀرائپ نه ٿي آهي، عدالت جي آءِ ٽي، ٽاسڪ فورس آفيسرن کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جون تصويرون عوامي هنڌن تي لڳايون وڃن  جڏهن ته سيد اعزاز الحسن جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن،