ڇا رڳو وزيرن جي تبديلي سان معيشت بھتر ٿيندي؟

0
205
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جيڪڏھن پاڪستان جو ڪو وڏي ۾ وڏو مسئلو ھن وقت آھي تھ اھو معاشي آھي جيڪو گھڻين ڪوششن ۽ تبديلين کانپوءِ بھ سنڀالجي نھ پيو.جنھن ملڪ ۾ معمول جو وھنوار ھلائڻ لاءِ بھ قرضن تي ڀاڙيو وڃي ۽ وري حڪمرانن،سياسي ۽ انتظامي اشرافيھ جا شاھاڻا خرچ ھجن تھ پوءِ انھي معيشت کي آخر ڪيئن تھ ٺيڪ ڪري سگھجي ٿو؟ مٿان وري ڪورونا،زلزلن ۽ ٻوڏن جھڙين آفتن جو بار بھ انھي معيشت تي پئجي وڃي تھ رھيل ڪسر بھ پوري ٿي ٿي وڃي.  اھو مسئلو ڪو  ھن وقت ظاھر  نھ ٿيو آھي يا آڏو آيو آھي.پاڪستان لڳاتار انھي معاشي بحران کي منھن ڏيندو آيو آھي ھر ڀيري  قرض کڻي وھنوار ھلائڻ جون ڪوششون ٿينديون رھيون آھن پر 2018ع کانپوءِ لڳاتار ملڪ انھي معاشي بحران ۾ ڄڻ تھ ڦاسي پيو آھي ۽ ان مان نڪرڻ جو ڪو دڳ نھ ٿو ملي جنھن ڪري ئي اڳوڻي حڪومت ۾ بھ ناڻي جا چار وزير تبديل ڪيا ويا پر معيشت جي صورت تبديل نھ ٿي. رڳو چھرن جي تبديلي سان معيشت ٺيڪ ٿي سگھي ھا تھ ھيترين تبديلين کانپوءِ معيشت ڪمزور نھ پر اڏامندي نظر اچي ھا.انھي ڪري چھرن جي تبديلي سان گڏ معاشي پاليسيين ۾ بھ بنيادي تبديلي آڻڻي پوندي جنھن سان وڃي ملڪي معيشت کي ڪو ٽيڪو ملي سگھي ٿو.

ھن حڪومت بھ چار مھينا گذرڻ کانپوءِ پنھنجو ناڻي وارو وزير تبديل ڪري ڇڏيو آھي.مفتاح اسماعيل جي استعيفيٰ قبول ڪري اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو لڳاتار لنڊن ۾ ترسيل آھي ۽ اڄ لنڊن ويل وزيراعظم شھباز شريف سان واپس پاڪستان پھچي پنھنجون ذميواريون سنڀاليندو.ھن وقت جيڪڏھن ملڪي معيشت کي ڏسجي تھ اھا انتھائي خراب حالت ۾ آھي ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو اگھھ لڳاتار گھٽ ٿي رھيو ھو (ڪالھھ وڃي انھي کي ڪو بريڪ لڳو آھي ۽ ذري گھٽ 6رپين تائين ڊالر جو اگھھ گھٽيو آھي).مھانگائي جيڪا آھي انھي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي پيٽرول جو اگھھ عوام جي پھچ کان پري ٿي ويو آھي، مٿان برساتي ٻوڏ سبب ذري گھٽ اڌ ملڪ پاڻي ھيٺ آھي ۽ اربين رپين جو نقصان ٿيو آھي جنھن بھ خراب معيشت جي ھڻي چيلھھ چٻي ڪري وڌي آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن موسم ۾ وونئڻن جو فصل تيار بيٺو ھو جنھن کي ڪيش ڪراپ چيو ويندو آھي.ڪورونا جي ڏينھن ۾ واپار ۽ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ھو تھ سڄي ملڪ کي سنڀالڻ لاءِ زرعي معيشت تي ڀاڙيو پئي ويو اڃا ڪورونا وارن ڏينھن جي نقصانن مان ئي ملڪ پاڻ کي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رھيو ھو تھ ھن برساتي ٻوڏ اھي زرعي معيشت ۽ لائيو اسٽاڪ تي حملو ڪيو آھي جنھن ڪري پاڪستاني معيشت جون ڄڻ تھ ٻئي لائيف لائينون متاثر ٿيل آھن.جنھن ڪري لکين ماڻھو غربت جي ليڪي کان ھيٺ ھليا ويندا ۽ بيروزگاري ۾ بي پناھھ اضافو ٿيندو جيڪا اڳ ئي ملڪ جي نوجوانن لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آھي.

اسان سمجھون ٿا تھ ملڪي معيشت کي ڪاسميٽڪ تبديلين سان بھتر نھ ٿو بڻائي سگھجي جيڪڏھن رڳو شخصيتن جي تبديلين سان معيشت بھتر ٿئي ھا تھ اڳوڻي حڪومت ۾ چار وزير تبديل ٿيڻ تي اھا بھتر ٿي چڪي ھجي ھا،اھڙين تبديلين سان ڪجھھ ڏينھن جو عارضي رليف تھ ملي سگھي ٿو پر اھي مستقل طور  معيشت کي پنھنجي پيرن تي نھ ٿيون بيھاري سگھن،ناڻي جو نئون وزير توڙي جو تجربيڪار ۽ پنھنجي شعبي ۾ مھارت رکندڙ آھي انھي تبديلي سان بھتري جي اميد تھ ڪري سگھجي ٿي پر ملڪي معاشي پاليسين ۾ بنيادي تبديلين کانسواءِ گھربل  ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ناممڪن نھ تھ بھ مشڪل ضرور ھوندو.جيڪو معيشت کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ ۽ قرضن مان جان ڇڏائڻ جو آھي.