هڪ بهتر سنڌ جي اڏاوت جو موقعو!

0
453
هڪ-بهتر-سنڌ-جي-اڏاوت-جو-موقعو

 ذري گھٽ مهينو گذرڻ جي باوجود سنڌ جو وڏو حصو اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ آهي. زندگي عملي طور مفلوج بڻيل آهي، ٻوڏ جي پاڻيءَ کان سر بچائي نڪتل لکين ڪٽنب هاڻي ڪئمپن ۾ خوراڪ جي اڻاٺ ۽ بيمارين وگھي ساهه ڏئي رهيا آهن. ڊگھي وقت تائين پاڻي بيهڻ سبب پيدا ٿيل مڇرن سبب مليريا ۽ ڊينگي پکڙجي رهيو آهي ۽ پيئڻ/ڌوئڻ لاءِ صاف پاڻي نه ملڻ سبب گيسٽرو، خارش ۽ ٻين بيمارين وگھي ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. روزانو مري ويلن جو انگ وڌي رهيو آهي. گڏيل قومن جي ادارن يونيسيف ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن وڏي انگ ۾ موتن جو انديشو ظاهر ڪيو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ان صورتحال کي “ٻي آفت” ۽ يونيسيف ان کي مايوسي/ ڳڻتيءَ کان به وڌيڪ خراب صورتحال قرار ڏنو آهي.

                 سنڌ ۾ صحت جون سهولتون اڳ ئي پوري ساري حالت ۾ آهن ۽ عام ڏينهن ۾ به صحت جي سهولت جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هوندي آهي ۽ هن تباهيءَ واري صورتحال ۾ ته ان جي پهچ ويتر محدود ٿي وئي آهي، ڪجھه عرصو اڳ سنڌ جي صحت کاتي ڪووڊ جي وبا وقت سڄي ملڪ ۾ سمورن صوبن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري هئي، جنهن کي ڏيهه پرڏيهه ۾ واکاڻيو ويو هو. هن ٻوڏ جي وقت بدقسمتيءَ سان اهڙو رابطو ، اڳڀرايون نظر نه آيون، جيتوڻيڪ صحت کاتي جو عملو ۽ دوائون وغيره ڪيترن ئي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن تائين پهتيون به پر ان عمل ۾ دير به ٿي ۽ ستايلن جو هڪ وڏو انگ ان سهولت مان لاڀ نه ماڻي سگھيو آهي. صحت کاتو هن سطح جي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.

پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، ماڻهن جي گھرن ڏانهن موٽي نه سگھڻ ۽ بيمارين سبب ريسڪيو ۽ رليف وارو مرحلو اينگھجي ويو آهي. مرحلي جي ختم ٿيڻ کان سواءِ ٻوڏ ستايلن جي بحاليءَ جو ڪم شروع نه ٿي سگھندو، هيڏي وڏي تباهيءَ کان پوءِ بحالي ڪو ننڍو يا مختصر ڪم ناهي. اهو ڪم هاڻي ورهين تائين هلندور هندو، جيئن ته سنڌ لڳاتار دريائي ۽ جابلو ٻوڏن جو نشانو بڻجندو رهي ٿي، تنهن ڪري بحاليءَ جي ڪم جي ڊگھي مُدي لاءِ سوچي سمجھي تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي. بحاليءَ جي ڪم کي روايتي ترقياتي رٿائن ۽ ٺيڪن واري نظر سان نه ڏسڻ گھرجي. ان ڪم جي درست رٿابندي، ٺيڪ طرح سان عمل درآمد ۽ اڻ ڌري نگرانيءَ کان سواءِ بحاليءَ جو ڪم ورهين تائين جاري رهڻ جي باوجود ماڻهن جون زندگيون بهتر نه ڪري سگھندو. ڊگھي مُدي واري هن ڪم کي سنجيدگيءَ سان ڪرڻ لاءِ ڪجھه رٿائون حڪومت جي ڌيان لاءِ ڏجن ٿيون.

*سنڌ ۾ فلڊ ريڪنسٽرڪشن ريهيبليٽيشن اٿارٽي (FRRA) قائم ڪئي وڃي جنهن جو ايم ڊي ڊزاسٽر  بابت تجربو رکندڙ ڪنهن بين الاقوامي تجربي ۽ مهارت واري ڪنهن پروفيشنل کي مقرر ڪيو وڃي. ايم ڊي رڳو وڏي وزير کي اٿارٽيءَ جي چيئرمين طور جوابده هجي ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ بااختيار هجي.

* ان اٿارٽيءَ ۾ ٻوڏ کان بحاليءَ سان لاڳاپيل سمورن شعبن جا يونٽ قائم ڪجن، جن جا سربراهه روايتي ڪامورا ۽ سياسي سفارشي نه پر خانگي شعبي جو وسيع تجربو رکندڙ پروفيشنلز هجن.

* هر شعبي هيٺ لاڳاپيل قابليت رکندڙ ماهرن جون ٽيمون هجن.

*اها اٿارٽي سنڌ جي مجموعي بحاليءَ لاءِ عالمي ادارن ۽ ماهرن جي مدد سان هنگامي بنيادن تي ٽن مهينن اندر جامع رٿا يعني ماسٽر پلان ڪابينا اڳيان پيش ڪري منظور ڪرائي. وڌيڪ ٻن ٽن مهينن اندر علائقي ۽ شعبي وار رٿائن جا دستاويز تيار ڪري انهن لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪري انهن جي منظوري حاصل ڪري.

*پنجن کان اٺن سالن اندر ان سڄي عمل کي مرحليوار مڪمل ڪجي ۽ ان لاءِ وسيلا بنا ڪنهن ڪامورڪي رنڊڪ جي اٿارٽيءَ جي اختيار هيٺ مهيا ڪجن.

*ان ڪم کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ اٿارٽيءَ جي ڪم کي فاسٽ ٽريڪ تي رکجي ۽ ان کي ڪامورڪي اينگھاءَ ۽ اٽڪاءَ واري سرشتي کان ڪابينا وسيلي ڇوٽ ڏياري وڃي.

*اها اٿارٽي ٻوڏ وارن علائقن ۾ خانگي ۽ عوامي اڏاوتن لاءِ نوان ڊزائين ۽ ماڊل عالمي ۽ مقامي ماهرن جي مدد سان تيار ڪري، انهن کي مڪمل اختيار سان لاڳو ڪرائي گھرن، بازارن، دڪانن، آفيسن، عوامي سهولتن واري عمارتن، روڊ رستن ۽ بندن وغيره کي موسمياتي تبديلي، ماحولياتي اثرن ۽ قدرتي توڙي انساني آفتن کان محفوظ رکڻ لاءِ جامع اڏاوتي ڪوڊ تيار ڪري لاڳو ڪيا وڃن ته جيئن انهن علائقن ۾ وري ڪنهن ٻوڏ جي صورت ۾ زيان کي گھٽائي سگھجي.

*ان اٿارٽيءَ جي ڇهه ماهي رپورٽ ڪابينا ۽ عوام اڳيان پڌري ڪئي وڃي جيئن عوام کي بحاليءَ جي ڪم بابت اڳڀرائيءَ جو پتو پوندو رهي. صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام جي رٿائن کي ان اٿارٽيءَ جي ماسٽر پلان سان سلهاڙيو وڃي ته جيئن سنڌ جو سمورو اڏاوتي ڍانچو هڪ سلهاڙيل سرشتي هيٺ جوڙي سگھجي.

*سمورن کاتن کي پابند بڻايو وڃي ته پنهنجي سموري رٿابندي ان اٿارٽيءَ سان گڏجي تيار ڪن ته جيئن سمورا وسيلا هڪ ئي ماسٽر پلان جي حصي طور خرچ ڪري سگھجن.

اڏاوتن کان سواءِ گذر سفر ۽ روزگار جي ٻين وسيلن جھڙوڪ زراعت، صحت، ماهيگيريءَ  سماجي شعبن جھڙوڪ تعليم، صحت، عورتن جي ترقي وغيره کي به بحاليءَ واري مجموعي ماسٽر پلان جو حصو بڻائجي.

*ان اٿارٽيءَ جي بورڊ ۾ سول سوسائٽيءَ سان تعلق رکندڙ ساکائتا/ڄاڻو ماڻهو شامل ڪيا وڃن ته جيئن ان اٿارٽيءَ جي ساکي ٺهي.

*هن هيڏي وڏي تباهيءَ کي هڪ بهتر سنڌ جي اڏاوت واري موقعي ۾ بدلايو وڃي ته جيئن سنڌ کي مستقبل ۾ ان سطح جي برباديءَ جو شڪار ٿيڻ کان بچائي سگھجي.