ڇا آل پارٽيز ڪانفرنس ڪامياب ويندي؟

0
174
عوام ڪيستائين عالمي مالياتي ادارن جو غلام رھندو؟

  وزيراعظم شھباز شريف پشاور پوليس لائين جي مسجد ۾ ٿيل دھشت گردي جي سانحي ۾ سو کان وڌيڪ بيگناھه نمازين جي شھادت جهڙن واقعن جي روڪٿام توڙي ملڪ کي درپيش معاشي سياسي خطرن جي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ايندڙ ھفتي 7فيبروري آڱاري ڏينھن تي اسلام آباد ۾ گھرائي ورتي آهي جنھن ۾ عسڪري قيادت جنھن ۾ آرمي چيف، ڊي جي آئي ايس آئي، لاڳاپيل ادارن جي سربراھن ۽  حڪومت ۾ شامل تمام جماعتن سميت مخالف ڌر جي جماعت پي ٽي آئي، جماعت اسلامي توڙي صوبن جي قوم پرست جماعتن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ته جيئن ملڪ کي دھشت گردي جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏياري معاشي طور تي تباھي جي ڪناري تي بيٺل پياري وطن کي پنھنجي پيرن تي آڻي سياسي استحڪام پيدا ڪري  ترقي جي منزل ڏانھن قدم وڌائجي. ھي وقت سياست جو ناھي ملڪ رھندو ته پوءِ به سياست ٿي سگھي ٿي خدا نخواسته ملڪ ھٿن مان نڪري ويو ته ڪجهھ به نه بچندو. ان ڳالهھ ۾ ڪوبه شڪ ناھي رھيو ته هن وقت ملڪ  ھڪ نه پر ڪيئي قسم جي چئلينجن جو منھن ڏسي رھيو آهي جنهن ۾ وڏي ۾ وڏي معاشي چئلينج سان گڏ دھشت گردي سميت ٻيا چئلينج شامل آهن. حقيقت پسندي سان جائزو ورتو وڃي ته ملڪ اڄ جنھن جاءِ تي پھتو آهي ان جا بنيادي سبب ڪھڙا ٿي سگھن ٿا ڇا صرف سياسي قيادتون يا وري اسٽيبلشمينٽ شامل آهن ته ان جو بنيادي طور تي جواب ٻنھي قيادتن کي ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو. ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ 30 کان 35 سال فوجي قيادت ۽ تقريبن ايترو عرصو سياسي قيادتن کي  حڪمراني جو موقعو مليو آهي، ليڪن بدقسمتي سان ڪڏھن به ڪنھن ملڪ جي تباھي قبول ناھي ڪئي. بلڪه ماضي وانگر ھن وقت به ھڪٻئي تي تباھي جو الزام لڳايو پيو وڃي ته جيڪا به تباھي نظر اچي ٿي اھا سابق  حڪومت جي دور جي ٿيل آهي ۽ اسان کي ڪنگال ڪري ملڪ ڏنو ويو آهي ان ڪري مشڪل فيصلن لاءِ قوم کي ذھني طور تي تيار رھڻ گھرجي ۽ قوم کي قرباني ڏيڻي پوندي. ڪجهھ ڏينھن پھرين ملڪ جي ايوان بالا سينيٽ ۾ پشاور سانحي تي تقرير ڪندي نواز ليگ جي سينيٽر مشاھد حسين سيد ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو ته 1977ع کان پوءِ افغان جھاد ۾ آمريڪي،سعودي حڪومتن ملڪ جي ايجنسي آئي ايس آئي کي ارب ڊالر ڏئي ھڪ لک مجاھدين ۽ 20 ھزار عربن کي تيار ڪرايو. ٻين جي جنگ ۾ پاڻ کي شامل ڪري ملڪ کي ان ھنڌ تي پھچايو ويو آهي. مشاھد حسين سيد ڊڪٽيٽر ضياءَ جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته 1977ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي وئي مجاھدين کي پيدا ڪيو ويو افغانين ۽ پرڏيھين کي ملڪ ۾آندو ويو جنھن جا نتيجا دھشت گردي جي شڪل ۾ ڀوڳي رھيا آهيون. ملڪ ۾ هن وقت لولي لنگڙي  حڪومت آهي جنهن کي صبح شام ھر روز گاريون ملي رھيون آهن بھتر ٿيندو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ڪٿي ايئن نه ٿي وڃي ته ڪو جنرل آئينده خان اچي وڃي پوءِ سڀ ھٿ مليندا رھجي وڃون، جمھوريت جي بحالي  لاءِ رڙيون ڪيون. مشاھد حسين سيد  حقيقي پسندي جون ڳالھيون ڪيون پر ھڪ ڳالھه کانئس وسري وئي ته ڊڪٽيٽر ضياءَ جي دور ۾ ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف، ھيروئن ڪلچر پيدا ٿيو جنھن ملڪ جي نوجوان نسل کي تباھه ڪري ڇڏيو. جڏھن ته سنڌ ۾ افغانين سميت برمين بنگالين ۽ ٻين ڌارين کي آباد ڪيو ويو جنھن جي ڪري اڄ به سنڌ ڀوڳي رھي آهي. باقي ان ڳالھه سان اتفاق ڪري سگھجي ٿو ته ملڪي سياسي پارٽين جي قيادتن کي سچ ٻڌڻ جي سگھه ناھي ان جو به بنيادي سبب سياسي پارٽين ۾ جمھوري سوچ نه ھئڻ آهي. پاڻ ھتي پھرين به مصطفيٰ نواز کوکر جو مثال پيش ڪيو ھو ته هن صرف پي ٽي آئي سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي سنڌ ھائوس ۾ سياسي لوٽن جي لڳل منڊي جو ذڪر ڪيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت کان اھا تنقيد برداشت نه ٿي کانئس سينيٽ تان استعيفيٰ ورتي وئي ۽ بعد ۾ ان شخص پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ساڳي طرح نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر سابق وزير اعظم شاھد خاقان عباسي نواز ليگ ۾ موروثي سياست جي مخالفت ڪندي مريم نواز کي چيف آرگنائيزر مقرر ڪرڻ تي تنقيد ڪندي پارٽي جي سينئر نائب صدر جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اڳوڻو ناڻي جو وزير مفتاح اسماعيل ناڻي جي وزير اسحاق ڊار تي تنقيد ڪندي چئي رھيو آهي ته کيس عھدي تان ھٽائڻ جي سازش جو مک ڪردار اسحاق ڊار آهي جنهن ڪجهھ ميڊيا چينلن ۽ اينڪرز کي ملائي سازش ڪري ھٽائي ڇڏيو، ھاڻي ان کان به معاشي صورتحال سنڀالجي نه ٿي. ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته جيئن جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ق ليگ جو ھڪ رات ۾ بنياد وڌو ويو ھو ميان اظھر ۽ گجرات جي چوڌري شجاعت حسين جي قيادت کي سامھون آندو ويو ۽ نواز ليگ کي ٽوڙيو ويو ھو، ساڳيو تجربو ٻيھر ورجايو ويندو. ان مان  ھڪ ڳالھه واضح ٿئي ٿي ته جنھن اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي اقتدار تان ھٽائڻ وقت پاڻ کي غير جانبدار نيو ٽرل قرار ڏئي ڇڏيو ھو اھا اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار ھن وقت آهي به يا نه، ڇو ته پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ سياسي تبديلي ھجي يا ڪنھن به جماعت جو بنياد پوي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد جي بغير ممڪن ٿي نٿو سگھي. ان جو ذڪر خود شاھد خاقان عباسي سميت سياسي اڳواڻ مختلف بيانن انٽرويوز ۾ ڪري چڪا آهن ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪنھن به تبديلي ۾ ڪردار رھي ٿو.

بحرحال پاڻ مٿي وزير اعظم پاران آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائڻ ۽ پي ٽي آئي کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ جو ذڪر ڪيو موجوده حالتن کي سامھون رکي ان جو جائزو ورتو وڃي ته جنھن دھشت گردي ۽ معاشي تباھي واري مسئلي تي اھا ڪانفرنس گھرائي پئي وڃي ته ان ۾ وزير اعظم توڙي وزيرن جا بيان سامھون آهن ته خيبر پختونخوا ۾ ڏھن سالن کان پي ٽي آئي جي  حڪومت ھئي جنھن دھشت گردي جي خاتمي جي نالي تي اربين رپيا ورتا اھا رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي؟ عمران خان تي طالبان جو  حامي ھئڻ جو به الزام لڳايو ويو جيڪڏھن سڀاڻي پي ٽي آئي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري تمام مسئلن جو  حل عام چونڊن کي ڄاڻائي انهن جو مطالبو ڪري ڇڏي ٿي ۽ دھشت گردي جي واقعن جي روڪٿام ۾  حڪومت جي ناڪامي قرار ڏيندي معاشي تباھي جو ذميوار توڙي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل واڌ مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جو ذميوار به شھباز رجيم کي قرار ڏنو ويندو ته لازمي طور تي ڪانفرنس ۾ موجود حڪومتي وزير يا اتحادي کين جواب ڏيندا ته پوءِ جنھن مقصد لاءِ ڪانفرنس گھرائي ويندي ان جي ڪاميابي جا امڪان پھرين ئي نظر نه پيا اچن. ماضي ۾ ڪنھن به معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنسون گھرايو ويون ان جي ڪاميابي جو دارومدار حڪومتي رويئي تي رھيو آهي. عمران خان حڪومت جي دور ۾ مٿس اھو الزام لڳندو رھيو ته هو ڪڏھن به مخالف ڌر سان ھٿ ملائڻ لاءِ تيار نه ھوندو ھو ان  حد تائين جڏھن به قومي سلامتي جي معاملن تي ڪانفرنس گھرائي ويندي ھئي ته وزير اعظم جي ھوندي عمران خان پاڻ شريڪ نه ٿيندو هو  انھي ڪري مٿس تنقيد ٿيندي رھندي.  ھي ساڳي  حالت موجوده اشرافيه جي آهي جيڪي تمام خرابين جو ذميوار عمران خان کي قرار ڏئي رهيا آهن مٿان وري مريم نواز وطن واپس ايندي پي ٽي آئي قيادت کي تمام خرابين جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته شھباز شريف مجبوري ۽ ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ آئي ايم ايف جا سخت شرط قبول ڪري ملڪ کي بچائي ورتو آهي. پر مريم نواز اھو وساري ڇڏي ٿي ته نواز شريف جي علاج جي واسطي شھباز شريف عدليه کي جيڪا ضمانت ڏني ان جو ڇا ٿيو ان جاءِ تي ڪو غريب ڪنھن جي ضمانت ڏئي ها ته گھربل شخص کي پيش نه ڪرڻ تي عدليه پھرين ان ضمانتي شخص کي گرفتار ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏي ھا. جڏھن ته مريم نواز پاڻ والد نواز شريف جي تيمارداري لاءِ ان وقت عارضي طور تي ضمانت تي آزاد ٿي ھئي ليڪن بعد ۾ کيس ٻيھر نه سرڪار واپس جيل موڪليو نه وري عدليه مداخلت ڪئي. جيئن نواز ليگ جو حنيف عباسي دل جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ وقتي ضمانت تي ٻاھر آيو، ھڪ سال کان مٿي ٿي ويو آهي پر هو ٻيھر واپس جيل ناھي ويو. ھاڻي ته سرڪار سندن آهي ڪنھن کي جرئت نه ٿيندي ته عدالت ۾ درخواست کڻي وڃي باقي جيستائين عدليه جو تعلق آهي ته هاڻي ان تي ڪھڙي معيار آهي.