هو ’تلنگ‘ ۽ ’آسا‘جو سنگم هو

0
306
هو ’تلنگ‘ ۽ ’آسا‘جو سنگم هو

 سرائيڪي پٽي وسيب جو مشهور شاعر جنهن محبوب کي مشورو ڏنو هو ته“قسطن تي مارڻ بجاءِ هڪ ڌڪ سان ئي مار ته جان ڇٽي”

ايوين مار نه شاڪر  قسطان وچ

يڪ مشت مڪا تيڏي جان ڇٽي

                 ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ زندگي گذاري پيو. هو اڳي ئي جسماني طور بيماريءِ ۾ وڪوڙيل هو، بس ايترو ته هن جو روح خوش هو. ان ڪري ئي ته هڪ ڀيرو پاڻ کي سنڌي جتن جو مائٽ چوندڙ صحافي سهيل وڙائچ (جٽ) کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته هن زندگيءَ ۾ گهڻي کان کان گهڻا پئسا پنجاهه هزار ئي ڏٺا آهن. هن کي سرڪار طرفان ٻن لکن جو چيڪ مليو، جيڪو ڳوٺ جي اسڪول جي مرمت لاءِ ڏئي ڇڏيو. سهيل وڙائچ هن کان پڇيو  ته “اسان جي قوم ڇو زوال جو شڪار آهي؟” هو وراڻي ٿو ته “وڏيرن جي غلاميءَ جي ڪري….” اهو انٽريو اڄ کان ڪافي سال اڳ هڪ خانگي چينل تي نشر ٿيو هو. مونکي جڏهن به واندڪائي ملندي آهي ته مان ان ملنگ انسان شاڪر شجاع آباديِءَ جو انٽرويو ضرور ٻڌندو آهيان. اهڙو ئي هڪ زبردست شاعر ساهتي پرڳڻي جو شبير هاليپوٽو هو، هو جوانيءَ ۾ بيمارين سان وڙهندي وداع ڪري ويو.سڄي سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڀائو، ڪمال جو شاعر، جنهن جي شاعريءَ ۾ هڪ پاسي حياتيءَ جي حسناڪي ته ٻئي طرف زندگيءَ جو وِههُ پسي سگهجي ٿو.

انهن ڪمال جي فنڪارن ۾ قاضي احمد جي فقير صفت گويي استاد مٺل ميراثيءَ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. هو هر ٽئين يا چوٿين مهيني اسان جي ڳوٺ دليپوٽا ايندو هو. اتي هن جي  بيٺڪ استاد عبدالله خان سومري جي اوطاق هوندي هئي. استاد عبدالله خان پاڻ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان هيڊ ماستر طور رٽائر ٿيو هو. هن کي راڳ ويراڳ سان بي حد چاهه هو. هن جي ڪلاسيڪل موسيقيءَ سان ايتري ته محبت هئي جو هر گويي کي مرشد ڪري مڃيندو هو. استاد مٺل ميراثي به انهن مان هڪ هو، جيڪو ڪجهه مهينن کانپوءِ عبدالله خان جو مهمان ٿيندو هو. مٺل ميراثي، اهو فنڪار هو، جنهن استاد سلامت علي خان کي صلاح ڏني هئي ته هو “سنڌي ڀيروي” ڳائي. راڳ جا ڄاڻو سمجهن ٿا ته ڀيروي، ٺاٺ جي سمپورن راڳڻين منجهان آهي. جنهن جي آروهي توڻي امروهي ۾ سڀ سر استعمال ڪيا ويندا آهن. ڀيرويءَ ۾ ڪنهن مَتِ ۾ کرج وادي ۽ پنچم يا مڌم کي سموادي ڳڻين ٿا ته ڪي وري ڌيوت کي. ٻئي اصول درست آهن. گرنٿن ۾ رکب تيور لکيل آهي. مگر ڳائبي رکب ڪومل سان آهي. سو هيئن کڻي چئجي ته ٻئي رکب ڪار آهن. دکن جا پنڊت ڀيرويءَ کي ٽوڙي ۽ سدا سهاڳڻ راڳڻي چوندا آهن. صبح جي وقت ڳائي ويندڙ هن راڳڻيءَ ۾ حزن ملال سان گڏ مسرت ۽ اطمينان جا جذبا به جاڳيو پون.استاد سلامت علي خان جي ڳايل سنڌي ڀيروي اڄ به ڪلاسڪ حيثيت ۾ موجود آهي. خواجه غلام فريد ڪوريجي جي ملتاني ڪافي، جيڪا استاد جي يادگار ڪلامن منجهان هڪ آهي.

تتي !رو رو ! واٽ نهاران

وي سانول موڙ مهاران

زندگيءُ ۽ عاشقيءَ جي ان ڊوڙ ۾ هڪ ڏينهن استاد مٺل ميراثي به ٿڪجي ويهي رهيو. نهايت تنگ دستيءَ ۾ هن جهان کي ڇڏيائين. ڪجهه وقت اڳ پنهنجي دوست قاضي ذوالفقار جي راڳداريءَ بابت اسٽوريءَ ۾ استاد جو پوٽو نظر آيو. مونکي ياد پوي ٿو ته هو ننڍڙو هو، استاد سان گڏ ايندو هو. هاڻي ته پوڙهو ٿي ويو آهي. مسڪين ۽ غريب ماڻهو جلد ڇو پوڙها ٿي ويندا آهن؟ پاڻ کان ئي سوال ڪري وليم جيمس ڊيورنٽ جي ڪتاب Pleasures of Philosophy ۾ جواب ڳولڻ لڳان ٿو. ول ڊيورنٽ هڪ جاءِ تي لکيو هو ته سخت گرم موسم جي ڪري آفريڪا جا ماڻهو جلد پوڙها ٿي ويندا آهن. آفريڪا جو ناريون اٺاويهه سالن جي عمر ۾ عمر کان گهڻيون ڪراڙيون لڳنديون آهن! پاڻ وٽ ته اهڙي موسم ناهي، پر ڏکن جي موسم هر جاءِ تي ساڳي رهي ٿي. ماڻهو ٻاهرين مندن سان ته مقابلو ڪري وڃي پر اندر جي موسم ماريو وجهي!

دليپوٽن جي ان اوطاق، جتي ڪڏهن علامه نياز حسين مري ته ڪڏهن استاد مٺل ميراثي ايندا هئا ۾ هاڻي سائين در محمد سومرو، استاد عبدالله خان جو پٽ ويهي ٿو. هن سان سامهون ملاقات کي ته ڪافي سمو ٿي ويو آهي، پر فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿي. ان ڏينهن ٻڌايائين ته اڪثر هن وٽ اڃا به سنگت ساٿ ايندي رهي ٿي. هو به ڪڏهن ڪڏهن صبح جو اٿي پيتي وڄائي ٿو. راڳين وٽ پيتيءَ مان مطلب هارمونيم هوندو آهي. هارمونيم سال 1818ع ۾ ويانا جي هڪ فنڪار اينٽن هيڪل ايجاد ڪيو هو. هن اهو سڀ ڪجهه چيني مائوٿ آرگن کي ڏسي ڪيو. اهو ساڳيو ساز پاڻ وٽ باجي ۽ پيتيءَ جي نالي سان مشهور آهي.اهو باجو يا پيتي اسان جي گهر ۾ هوندو هو. منهنجو بابا راڳ جو وڏو شوقين ۽ بس نيم گويو ئي هو. ڪڏهن رات جي ٻئي پهر ۾ ’تلنگ‘ راڳڻي ڇيڙي ڇڏيندو هو. راڳ جا شوقين واقف آهن ته هيءَ کماچ ٺاٺ جي اوڍو کاڍو راڳڻي يعني پنجن سُرن جي راڳڻي آهي، جيئن ته هن جو گنڌار وادي ۽ نکاد سموادي آهي، ان لاءِ شڪل ۾ کماچ وانگر لڳندي آهي. جيئن ته نکاد ۽ پنچم جي سنگت آهي ۽ هن ۾ ڌيوت لڳندو ئي نه آهي. ان لاءِ کماچ کان الڳ ظاهر ٿي بيهي ٿي. رکب ۽ ڌيوت نه هجڻ ڪري الڳ صورت ۾ بيهي ٿي. درگا ۾ نکاد ۽ پنجم ورج آهن، ان ڪري به تلنگ الڳ صورت اختيار ڪري ٿي. صبح جي وقت ’سر آسا‘ جا سر اسان جي سماعتن تائين پهچندا هئا. ’آسا‘ جي معنيٰ آهي: اميد، آرزو، تمنا، خواھش وغيره. سنسڪرت لفظ ’ آشا‘ به ساڳيو ئي لفظ آهي. راڳ جي فن ۾ ’آسا‘ کي خصوصي حيثيت مليل آهي. هن کي آس ۽ ارداس جو راڳ به چيو ويو آھي. راڳ جي ڪتابن موجب ھڪڙا راڳ ۽ راڳڻيون، جيڪي فقط ڪنھن ھڪ علائقي ۾ رائج ھوندا آھن، تن کي ديسي راڳن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي، مثال طور سنڌ ۾ مولود، مورا، راڻو، ڪوھياري وغيره ديسي راڳڻين ۾ شمار ٿيندا آھن. ٻيا راڳ ’مارڳ راڳ‘ سڏبا آھن، جن مان ڪن راڳن جا نالا ھي آھن:ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سري راڳ، سھڻي، سارنگ، پرڀاتي، آسا، پورب وغيره. آسا راڳڻي، سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان ھلندڙ آھي ۽ ان ۾ عوامي قصا ڳايا ويا آھن.

خير، اسان جو بابا، ’تلنگ‘ ۽ ’آسا‘جو سنگم هو. مذهبي گهراڻي سان تعلق سبب سندس وڏو ڀاءُ سدائين ڪاوڙيل رهندو هو ته “هي راڳ ڇو ٿو ڳائي؟” ايتري تائين جو هڪ ڀيري ٽوڪ ڪري چيائينس “تون ميراثي ٿي ويو آهين؟” منهنجو بابا، جيڪو نهايت ڌيرج طبيعت جو مالڪ ۽ هن جي انگريزي ڏاڍي زبردست هئي. جواب ڏنائين ته Yes, I am Proud to be a Miraasi