آڪٽوبر ۾ به اليڪشن جو اڌورو امڪان

0
159
آڪٽوبر ۾ به اليڪشن جو اڌورو امڪان

بد قسمتي، بد انتظامي ۽ مهم جوئين سبب هن وقت ملڪ ٽن ارڙ بلائن جي وات ۾ ڦاٿل آھي.آزمائشون به اهڙيون جن سبب ملڪ حقيقي طرح پنهنجي بقاءَ، سياسي، معاشي ۽ سفارتي آزادي کي خطري ۾ آيل محسوس ڪري رهيو آھي. افغانستان جي ٻوجھه، دهشت گردن سان دوستي ۽ رياست جي نالائقي سبب 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول واقعي کان پوءِ آپريشن ضرب عضب سبب هيڪر هيڻي ڪيل دهشتگردي وري ڪافي قوت سان موٽي آئي آھي. ان جو مظاهرو پشاور پوليس لائين جي محفوظ مرڪز تي ڏينهن ڏٺي جو 100 نمازين  کي شھيد ڪرڻ واري واقعي ذريعي ڪيو ويو آھي. ٻي مصيبت معيشت جي آھي جنهن غريب جو جيئڻ جنجال، حڪومت جي وجود ۽ عالمي ساک کي داءُ تي لڳائي، ڪنگالپڻي تي پهچائي ڇڏيو آھي. مولا جٽ بنيل وزير خزانه نڪ گسائي نيزاريون ڪرڻ تي مجبور ٿي به دوري  تي آيل آءِ ايم ايف جي ايجنٽن جي دل ۾ نرمي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام نظر پيو اچي. نتيجي ۾ ڊالر محوِ پرواز آھي ۽ رپيو رڙھندي خالي ڪاغذ جو ٽڪرو وڃي بچيو آھي ته سون صرف سوناري جي دڪان تي  ته ڏسي سگهجي ٿو پر وٺي نٿو سگهجي. ٽين آفت عمراني فتني جي صورت ۾،  اتحادين جي اڍنگي حڪمراني جي روپ ۾ ۽ لاڳيتي سياسي عدم استحڪام جي آڙاھه مثل ملڪ ۾ موجود آھي.

هنن صفحن تي هڪ کان وڌيڪ دفعا لکيو ويو آھي ته پي ٽي آءِ جي سربراھه کي ڪنهن دشمن ڌارڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. سندس لاءِ بي قابو زبان، هر روز ناعاقبت انديشانه فيصلا ۽ لائيو نشريات ذريعي “قوم کي خطاب” ئي ڪافي آھن. ( انهن خطابن کي هر روز مڪمل لائيو ڪوريج ملڻ واري اظھارِ راءِ جي بي لغام آزادي، قوم ۽ ادارن ۾ نفاق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش به جمهوريت  ۽ مساوات جي عظمت کي شڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي) پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙڻ وقت پرويز الاهي سميت ڪافي بيوس ساٿين صلاح ڏني هئي ته اهي آخري پناهگاهون به پٽ ڪري ڪٿي ٻنهي جهانن کان هليا نه وڃون پر ٿيو اهو جيڪا ستارن جي چال هئي. سندن سوچ ۾ هو ته ٻه اسيمبليون ٽٽڻ کان پوءِ ڏھه مهينا ٻاهر رهي قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃي اتي مڪٽ مچائي اليڪشن نوي ڏينهن ۾ ڪرائڻ تي ملڪ کي مجبور ڪري وٺبو. اها سوچ ان ڪري به هئي ته اڳ ۾ به مهينن تائين اسيمبلي مان استعيفائن جو ڊرامو رچائي سڀ سهولتون ماڻي جڏهن موجي من ۾ آيوهو ته واپس ايوان ۾ اچي پهتا. تڏهن ته خواجه آصف چيو هو ته “ڪوئي شرم هوتي هي ڪوئي حيا هوتي هي.” پر چوندا آھن ته بندي جي من ۾ ھڪڙي ٻي جا ڪري الله. ٻٽاڪي ٻانهون کنجي واپس وڃڻ لڳا ته سانگهڙ واري راجا صاحب 35، 35 ۽ پوءِ  43 استعيفائون منظور ڪري نه صرف پي ٽي آءِ جو پتو صاف ڪري ڇڏيو پر ڄڻ ته ايندڙ اليڪشن لاءِ نگران حڪومت جي جوڙ جڪ ۾ حصيداري کان به  کين محروم ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ  پوليس ڇاپن ۽ گرفتارين جي پرويزي پيشنگوئي به سچي ثابت ٿيڻ شروع ٿي ويئي. فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد جهڙا وڌيڪ واتراڌا به سير سپاٽي ۾ شامل ڪيا ويا. ان وچ ۾ اتحادي حڪومت جيڪا انتهائي ڪمزور ۽ نا اهل هوندي به اوچتو ڏاڍ مڙسي تي لهي آئي آھي. حساب ته گهڻو رهيل هوندن پر اها روش انتقامي ڪارروائي سمجهبي. ان مان اشارا اهي پيا ملن ته چونڊون ڪرائڻ جي تڪڙ ڪانه اٿن. تازو ئي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي گورنرن اليڪشن ڪميشن جي خط جي جواب ۾ ڄڻ ته اليڪشن منعقد ڪرائڻ کان لاچاري جا واضح اشارا ڏئي ڇڏيا آھن. آئين جون لاڳاپيل شقون بالڪل واضح آھن پر آئين کان انحرافي جي عادت هن مملڪت خداداد جي ناخدائن جي پراڻي روش آھي. هڪ کان وڌيڪ دفعا سٺ ۽ نوي ڏينهن جي شرط جي ڀڃڪڙي جا مثال اڳ به موجود آھن ته اسان جي هميشه حاضر عقلِ ڪل عدليه به نظريه ضرورت جهڙن نظيرن تي ثابت قدمي سان جسٽس منير کان وٺي عمل ڪندي آئي آھي. هونئن به آئين ۽ قانون تي عمل ٿيندو هجي ها ته اعليٰ عدليه ۽ ملڪي ادارن جي حڪمن جي بار بار ڀڃڪڙي ڪرڻ وارا “مقبول ليڊر” ايتريون ارھه  زورايون ڪري ڦٻي نه وڃن ها. ڇا آڪٽوبر ۾ يا ان کان اڳ اليڪشن ٿيندي نظر اچي ٿي؟ ان جو جواب هيٺين سٽن ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ڏسون ٿا.

آئين جي آرٽيڪل 2 (B1 ) 224-  مطابق  قومي يا صوبائي اسيمبليون وقت کان اڳ ٽوڙڻ جي صورت ۾ 90 ڏينهن اندر ۽ پنهنجي مدت پوري ڪري ٽٽڻ جي صورت ۾  چونڊون 60 ڏينهن اندر ڪرائڻيون آھن. جيڪڏهن ڪا سيٽ اسيمبلي جي مدي پوري ٿيڻ کان 120 ڏينهن جي عرصي کان اڳ ئي خالي ٿي وڃي ته  ساڳئي آرٽيڪل جي سب ڪلاز (4 ) مطابق چونڊ 60 ڏينهن اندر ڪرائڻي هوندي آھي. ساڳي صورتحال جيڪڏهن سينٽ ۾ پيدا ٿئي ته پوءِ ان جي چونڊ ساڳئي آرٽيڪل جي سب ڪلاز (5 ) مطابق 30 ڏينهن اندر ڪرائڻي هوندي آھي. آئيني اسڪيم جا اهي انتظام پنهنجي جاءِ تي پر 18 ترميم کان پوءِ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ آرٽيڪل 224 (  1A   )مطابق غير جانبدار نگران حڪومتون قائم ڪرڻيون هونديون آهن. خان صاحب اٻھرائي ۾ اچي ٻه صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ سان تاريخ ۾ پهرئين دفعي هڪ نئين صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي جيڪا لڳي ٿو ترميم ڪرڻ وقت سينيٽر رضا رباني ۽ سندس ساٿين جي سوچ ۾ شايد نه آئي هئي يا ايئن چئجي ته خان صاحب جهڙي ليڊر جي نفسياتي رجحانن کي سامهون نه رکيو ويو هو. هاڻي جيڪڏهن آئين جي روشني ۾ ھڪ شق تي عمل ڪندي چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيون ڪرائجن ته اهي اپريل مهيني ۾ ٿيڻ گھرجن. تڏهن وري رمضان شريف جو مهينو به هلندو هوندو. ان سبب چونڊ مهم ۽ ووٽ ڪاسٽ جي شرح تي جيڪو ناڪاري اثر پوندو اهو ته رهيو پنهنجي جاءِ تي پر ان کان به سنگين صورتحال پيدا ٿي ويندي. ٿيندو هيئن ته عام چونڊن جي نالي تي جيڪي چونڊون آڪٽوبر ڌاري ٿيڻيون آھن اهي هڪ ته عام نه پر صرف قومي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جون چونڊون هونديون. آئيني طرح اگري ڳالهھ اها هوندي ته ارڙھين ترميم مطابق جنهن وقت انهن ٽن اسيمبلين جون چونڊون ٿي رهيون هونديون ان وقت اقتدار جي مرڪز پنجاب ۽ دهشتگردي سٽيل خيبر پختونخوا ۾ پنجن سالن لاءِ آيل باقاعده سگهاريون حڪومتون هونديون. اهي حڪومتون ڪنهن به جماعت يا اتحاد جون ٿي سگهن ٿيون پر غير جانبدار ۽ نگران نه هونديون ان سان وري آرٽيڪل 224 اي 1 جي خلاف ورزي ٿيندي. ٻين لفظن ۾  ناعاقبت انديش تڪڙي فيصلي آئين کي پنهنجي ئي شقن جي مقابلي ۾ آڻي بيهاريو آھي. نه صرف اهو پر جنهن وقت پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ٿيڻ کپن ان وقت مرڪز، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مستقل نوعيت جون حڪومتون موجود آھن. مرڪز صوبائي بيورو ڪريسي تي ۽ نگران حڪومتن تي ته اثرانداز ٿيندو ئي ٿيندو پر سياستدانن جا پاڻ ۾ سڄي ملڪ ۾ ھڪٻئي سان سماجي، سياسي ۽ پيري مريدي وارا جماعتي تعلقات به آھن. ڪيترائي خاندان ۽ قبيلا هڪ کان وڌيڪ صوبن ۾ آباد آھن ته ڇا پاڙيسري صوبي جي چونڊن ۾ يا مرڪزي چونڊ وقت ٻن صوبن جون حڪومتون انهي اليڪشن تي اثرانداز نه ٿينديون؟ ان صورت ۾ اليڪشن ڪميشن لاءِ به آئيني،انتظامي ۽ اخلاقي طرح سنگين مسئلا به ٿيندا ۽ غير جانبدار چونڊون ڪرائڻ واري پنهنجي فرض پوري ڪرڻ ۾ ناڪام به نظر ايندي.

ڇا ڪنگال ملڪ ٽن ٽن مهينن جي وٿي تي صرف انا پرست ۽ خود پرست سياستدانن جي افراتفري واري سياست جو شڪار ٿي اربين رپين جو خرچ ڪرڻ، مختلف کاتن جي هزارين ملازمن کي پنهنجي ذميواري کان هٽائي چونڊون ڪرائڻ جي چوس حوالي ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ لاڳيتي بي يقيني جي صورتحال کي برقرار رکڻ کي برداشت ڪري سگهي ٿو؟ هن وقت دهشت گردي هڪ دفعو وري ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪر کڻيو بيٺي آھي. ضياءُالحق جي مجاهدن ۽ مردِ مومن مرد حق جي ڀٽڪيل نعرن ۽ غير ملڪي ڊالرن جي لالچ ۾ اچي،مذھب کي غلط مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ وارو وحشت، دهشت ۽ جهالت جو فصل ته سالن کان تيار هو، جنهن جو لقاءُ افغان جنگ دوران مجاهدن جي نالي تي ڀاڙي جا ويڙھاڪ ويڙھائي،سڄي دنيا ۾ دهشت گردي جي حامي ملڪ جي بدنامي جو داغ سهڻ جي صورت سامهون ۾ آيو. مشرف جي دور جي هر روز جي دهشت گرد حملن کي برداشت ڪري، ستر اسي هزار جانين ۽ 126 ارب ڊالرن کن جو نقصان کائي نيٺ 2014ع کان پوءِ فوجي آپريشن ذريعي پر لاتعداد جانين ۽ مال جون قربانيون پيش ڪرڻ کان پوءِ هن بدنصيب قوم جيڪو ڪافي قدر امن حاصل ڪيو هو سو به  سيکڙاٽ کلاڙين ۽ شوباز سهولتڪارن ڪابل جي سيرينا هوٽل مان چانهن جا ڪپ کڙڪائي وري وڃائي ڇڏيو. ڪالهھ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيا. وزير اعظم 7 فيبروري تي ڪل جماعتي ڪانفرنس به گهرائي آھي پر توقع مطابق عمران خان انڪار ڪري ڇڏيو.

هڪ دفعو وري 2020ع کان حملن ۾ شدت اچڻ لڳي. 2018ع کان 2022ع تائين صرف خيبر پختونخوا ۾ 465 دهشتگرد حملا صرف قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي ٿيا. ڪمزور پوزيشن تان دهشتگردن سان ڳالهيون سندن افغان طالبان “امير المومنين” جي مشوري تي ٿيل مذاڪرات نه هئا پر منٿون ميڙيون ڪري سفاڪ قاتلن جو من وڌايو ويو. سابق وزير اعظم طرفان اڄ به اعلانيه اقرار ڪيو ٿو وڃي ته  40 هزار دهشتگردن کي وري ملڪ ۾ آباد ڪرڻو هو. سوين ڦاسي جي قيدين کي آزاد ڪري مسلح دهشتگردن کي ملڪ اندر اچڻ ڏنو ويو، جن آمريڪي اسلحي جي زور تي ڏهن سالن دوران 417 ارب جي بجيٽ خرچيندڙ ڪي پي پوليس کي صفا ڪڪڙ بنائي مرضي سان مارڻ شروع ڪيو آھي. ان شخص کان سوال ته ٺھي ٿو جنهن کي طالبان خان هجڻ تي اعتراض نه آھي ۽ طالبان جي ڪابل تي قبضي وقت رقت ۾ اچي چيو هئائين ته“طالبان غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آھن”، ته پوءِ ٻڌائي ته هن وقت ڪي پي ۾ چونڊون ممڪن آھن؟ ڳالهھ ته وڌي وئي آھي. ٽي ڏينهن اڳ پنجاب جي ميانوالي ضلعي ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشت گردن ڳرن هٿيارن سان ڀرپور حملو ڪيو هو. ڇا انهي خوف ۽ بد امني جي ماحول ۾ هن وقت پوريون يا اڌوريون چونڊون سي به منصفاڻي طريقي سان ڪرائڻ ممڪن آھي؟

 آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين ذريعي تمام ڏکين شرطن مڃڻ ۽ آزين نيازين   ڪرڻ کان پوءِ معاهدو ته ڪرڻو پوندو. بجلي،گئس، پئٽرول ۽ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ موتمار مهانگائي جو جيڪو طوفان ايندو ان جي اثرن ۽ سياسي قيمت کان شھباز حڪومت چڱي طرح واقف آھي. ايڏي وڏي قيمت ڀرڻ کان پوءِ ناراض قوم کان ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻ سندن لاءِ تمام مشڪل هوندو. عمران خان کي تڪڙ ان ڪري آھي ته نااهلي يا ڪا عدالتي سزا ٿيڻ کان اڳ چونڊجي حڪومت حاصل ڪجي جيڪا ناممڪن نظر اچي ٿي. فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ سندس بيانيل ڌي ٽيريان وارو ڪيس به اعتراضن کان پوءِ لارجر بينچ سامهون 9 فيبروري لاءِ مقرر ٿيل آھي. توهينِ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا لاڳاپيل ڪيس به پنڌ ۾ آھن، سو بچڻ ته معجزو هوندو. ملڪ ۽ قوم سان مسخري جي به حد هوندي آھي. هر ڪنهن تي الزام بازي ڪندي اچي آصف علي زرداري جي ڪنڌ ۾ پيو آھي. اڳوڻو وزيراعظم سابق صدر تي حساس ادارن جي ڳٺ جوڙ سان اهڙو الزام لڳائي ملڪ کي سڄي دنيا ۾ وڌيڪ بدنام ڪري خلق کلائڻ جو باعث ته نه پيو بنجي؟ يا وري شيخ رشيد سان، جنهن کي وري سنڌ پوليس به ڳولي پئي، يڪجهتي ڪرڻ لاءِ جيل وڃڻ چاهي ٿو! 33 حلقن تي ننڍي چونڊ ۾ وري به اڪيلو اميدوار ٿيڻ جو اعلان ڪري هاڻي ڦري ويو آھي. ڇا هي مسڪين ملڪ اڃا به سندس  ايترو لاڏ کڻڻ لاءِ تيار هوندو؟

انڪري ڀانئجي ايئن ٿو ته پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙي به مقصد حاصل ڪرڻ بدران کاڌي پيتي بغير هروڀرو گلاس ٽوڙڻ جا پئسا ڀرڻا پوندا. لڳي ٿو ته ٻن صوبن ۾ چونڊون عام چونڊن سان گڏ آڪٽوبر يا اڃا به ڪنهن ايمرجنسي جي نفاذ ذريعي سال ڇھه مهينا اڳتي ويندي نظر اچن پيون. تنهن ڪري ته چوندا آھن ته تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي.