ملڪي مسئلا گڏيل حڪمت عملي جا گهرجائو

0
134
‘نان اشوز’ ۾ الجهايل عوام ۽ مهانگائي!

انهي ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته ملڪ جن حالتن مان گذري رهيو آهي انهن کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ پارٽي جي وس جي ڳالهه ناهي.جڏهن ته سڀني ادارن کي به آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو  پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو تڏهن وڃي هن ڏکين حالتن مان ملڪ کي ڪڍڻ جو ڪو رستو نڪري سگهندو. هڪ طرف معاشي بحران ملڪ کي منجهائي ويٺو آهي ته ٻئي طرف سياسي تقسيم ۽ عدم استحڪام  ان کي وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي مٿان وري دهشتگردي جي وڌندڙ واراداتن سڄي ملڪ ۾ هڪ خوف پکيڙي ڇڏيو آهي ته خبر ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي يا انهن حالتن کي ڪيئن منهن ڏبو. جڏهن به حالتون اهڙيون ٿي وڃن جو سمجهجي ته ڪنهن هڪ ڌر جي سنڀالڻ جهڙيون ناهن ته اتي گڏيل حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ۽ جمهوريت ۾ گڏيل راءِ يا فيصلي لاءِ پارليامينٽ کان بهتر ڪو هنڌ نه هوندو آهي.پر بدقسمتي آهي جو اسان جي ملڪ ۾ سياسي پارٽيون ان پارليامينٽ کي اهميت ڏيڻ بدران آرڊيننس ذريعي ئي ڪم هلائڻ کي ترجيح ڏينديون رهيون آهن جنهن جو وڏو مثال گذريل حڪومت هئي جنهن ۾ هر روز آرڊيننس جاري ٿيندا هئا.هن وقت جڏهن اها پارٽي حڪومت ۾ ناهي ته وري انهي اسيمبلي مان ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن ذريعي هو چار سالن تائين هن ملڪ تي حڪومت ڪندي رهي.

اڳوڻي حڪومت کي جڏهن بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽايو ويو ته سڀني کان ڀلو طريقو اهو هو ته انهي پارليامينٽ اندر ئي اهي مسئلا ۽ معاملا بحث هيٺ آندا وڃن ها جيڪي اسان جي نظام جي ڪمزوري جو سبب بڻيل هئا يا بڻجي رهيا آهن پر حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ انهي پارٽي اسيمبلين ۾ ويهڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ استعيفائن جو اعلان ڪيو ۽ نين چونڊن جو مطالبو ڪيو،جنهن ڪري ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيو ۽ آئيني بحران جو هر وقت خطرو رهيو. انهي کانپوءِ ملڪ جا معاشي مسئلا سامهون آيا تڏهن به سياسي ڌريون گڏجي ويهڻ تي راضيون نه ٿيون. هن وقت وري دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي اسيمبلين مان ٻاهر آهي ۽  حڪومت سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. ملڪ کي جيڪي چئلينجز آهن انهن کي ڏسندي وزيراعظم آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ۽ ان لاءِ پي ٽي آءِ سميت سڀني سياسي ڌرين سان رابطو ڪيو ويو آهي جيڪا موجوده حالتن ۾ هڪ بهتر واٽ آهي.پر اصل مسئلو  هڪٻئي خلاف بدگماني آهي جنهن جو اظهار پي ٽي آءِ اڳواڻن اهو چئي ڪيو آهي ته  اسان جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ڪيا پيا وڃن اسان انهن سان ڪيئن گڏ ويهي سگهون ٿا. اهو ڪو پهريون ڀيرو نه هوندو جو ڪا پارٽي پنهنجي اڳواڻن تي ڪيس هئڻ باوجود ملڪ آڏو آيل چئلينجن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍڻ لاءِ اهڙي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿئي.ماضي ۾ کوڙ اهڙا مثال ملي سگهن ٿا ته جڏهن ملڪ جا مفاد داءُ تي لڳل هجن ته سياسي ڌريون پنهنجا اختلاف پاسيرا رکي هڪ ٽيبل تي ويٺيون هونديون اهو ئي سياسي ڌرين جو ڪردار هوندو آهي .ايئن ئي وري حڪومت جي به ذميواري هوندي آهي ته پنهنجي مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائڻ بدران قانوني واٽ وٺي هلي ۽ انهي سياسي ڌر جا خدشا يا بدگمانيون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اڄوڪي مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ موجود هجي ها ته ملڪي مسئلن تي اتي گڏيل راءِ جوڙڻ لا ءِ انهي کان وڌيڪ ڪو بهتر پليٽ فارم نه هجي ها ڇاڪاڻ ته اتي سڄي ملڪ جي نمائندگي هجي ٿي پر جيڪڏهن اتي مخالف ڌر موجود ناهي ته وزيراعظم طرفان آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان ۽ انهي ۾ سڀني سياسي ڌرين کي شرڪت جي دعوت بهتر عمل آهي جنهن جي سڀني ڌرين کي مثبت موٽ ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو رڳو حڪومت جو مسئلو ناهي پر ملڪ جو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. گڏيل ڪوششن کانسواءِ ملڪ کي موجوده حالتن مان ڪڍڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو،باقي سياسي مسئلن تي اختلاف ،جهيڙا جهٽا ۽ احتجاج پيا هلندا انهن کي ملڪي چئلينجز کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو حصو ڳنڍڻ ۾ رڪاوٽ نه بنائڻ گهرجي.