چڪ (ن پ ا) چڪ ويجهو ٽانوري برادري جي ٽن ڌرين ۾ خوني تڪرار جو غوث بخش مهر جي سرپئنچي ۾ مبينا جرڳو، علي حيدر، علي اڪبر ۽ رضا محمد ٽانوري جي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو نبيرو مهر وزيرآباد ۾ ٿيو، ذريعن موجب نادر علي عرف ڪانگل ٽانوري جي خون جو علي حيدر ۽ اڪبر ٽانوري تي 15 لک ڏنڊ وڌو ويو، گلشير ٽانوري تي ڪارنهن جو الزام ثابت ٿيڻ تي 5 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو..