ڪراچي(شوبز نيوز) ڪرڪيٽ جي ميدان کان اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽر فواد عالم پاڪستاني سپر اسٽار ماهره خان، مهوش حيات ۽ مايا علي سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. قومي ڪرڪيٽ جو آل رائونڊ فواد عالم ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ويب ٽي وي پروگرام خودڪشن محبت ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن ۽ مداحن پاران پڻ موٽ ملي آهي. جنهن بعد فواد عالم پاڪستاني سپر اسٽار ماهره خان، مهوش حيات ۽ مايا علي سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.