اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 114مريضن دم ڏئي ڇڏيو: اين سي اوسي موجب ڪورونا ڪيسز جي مثبت شرح تقريبن 11 سيڪڙو رهي، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جِي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، جمعي تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جِي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ اڄ به بند رهندي، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص سميت مختلف شهرن ۾ ڪاروباري سرگرميون معطل، سکر، خيرپور، نئون ڪوٽ، ٽنڊو باگو، درياءَ خان مري ۾ ڪاروبار بند نه ٿيو، ٺارو شاهه ۾ مال پڙي لڳل، شهرين ايس او پيز مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيون.