چيلھار (رپورٽ: ساجد نھڙيو) چيلهار ۾ناري گڏي ڪولھڻ جو احتجاج،  ھڪ سال اڳ زبردستي مذھب تبديل ڪرائي زوري شادي ڪرائڻ جو الزام، ان ڏس ۾ ڳوٺ ھرپار جي رھواسڻ گڏي ڪولھي جنجھيئر پھچي پنھنجي مڙس ۽ بااثرن خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ھڪ سال اڳ مونکي زبردستي گھران اغوا ڪري ميرپورخاص کڻي ويا، جتي منھنجو زوري مذھب تبديل ڪرائي رستم جوڻيجي سان شادي ڪرائي وئي، جنھن بعد مڙس مونکي واپس ڳوٺ کڻي اچي قيد خاني ۾ قيد ڪري ڇڏيو، ھٿن ۾ پيرن ۾ سنگھرون ھڻي   بي رحماڻو تشدد ڪندو ھو. ناري موجب ته اڄ مڙس جيئن اسلام ڪوٽ مال جي پڙي تي ويو ته گھران لڪي نڪري  جنھجيئر ۾ پناھ ورتي آهي، ناري موجب ته  سندس والد ذھني طور بيمار آهي، امڙ چوي ٿي وڏيرن اڳيان پاڻ ڪجھه به نٿا ڪري سگھون، هوڏانهن ڳوٺاڻن جي اطلاع تي  چيلھار پوليس ناري کي بيانن لاءِ ٿاڻي آندو،  جتي بيان رڪاڊ ڪرڻ بعد ناري کي مٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، اڄ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻي طرف سموري معاملي جو انساني حقن واري صوبائي وزير سريندر ولاسائي نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ٿرپارڪر کي معاملي جي شفاف انڪوائري جو حڪم ڏنو آھي.