ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ ۾ ٻه هفتا اڳ پوليس پاران ڦورو ڄائائي ٻن ڄڻن کي فل فراءِ ڪرڻ وارو ڪيس پوليس کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، عدالت پاران ايس ايچ او سميت 6 پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم. خبر موجب ٻه هفتا ڏهرڪيءَ ۾ پوليس ٻن ڄڻن اختر ڪوڀر ۽ راشد جٽ کي ڏوهاري ڄاڻائي مبينا مقابلي ۾ مارڻ ۾ جي دعوا ڪئي هئي، جن مٿان مبينا مقابلي واري ڏينهن کان چار ڏينهن اڳ واپاري امير بخش راڄڙي جي قتل جو ڪيس به داخل ڪيو ويو هو. پوليس ٻنهي ڄڻن کي گرفتاري بعد مبينا مقابلو ڄاڻائي فل فراءِ ڪري ڇڏيو هو. مارجي ويل اختر ڪوڀر جي وارث ياسين ڪوڀر سيشن جج جي عدالت ۾ سڌي فرياد لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ايس ايچ او ڏهرڪي قابل ڀيو، انسپيڪٽر شاهد ملڪ، اي ايس آءِ خير محمد لغاري ۽ اهلڪارن مظفر شاهه، شهاب اعواڻ، موبائيل ڊرائيور عبيد کوسو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. اهڙي حڪم بعد پوليس اهلڪار عدالت ۾ کسڪي ويا. ان سلسلي ۾ ياسين ڪوڀر ٻڌايو ته اختر ڪوڀر کي گهران گرفتار ڪري پوليس پهرين ئي ڏينهن فل فراء ڪري ڇڏيو ۽ ان جي دوست راشد جٽ کي به ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو. هوڏانهن آخري آخري اطلاعن تائين پوليس خلاف ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.