گهوٽڪي/ ميرپور ماٿيلو  (رپورٽ: ماجد سنگهڙ ۽ برڪت ميراڻي) گهوٽڪيءَ ڀرسان 20 کان وڌيڪ هٿياربندن جو پوليس پڪٽ مٿان حملو 2 پوليس اهلڪار شهيد، هڪ زخمي. تفصيل موجب گيمڙو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي سنڌو درياءَ جي بند تي قائم 5 ميل پوليس پڪٽ مٿان ڌاڙيلن رات جي پوئين پهر ۾ حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ ڊيوٽيءَ تي موجود ٽن پوليس اهلڪارن مان 2 پوليس اهلڪار پنوعاقل واسي علي گوهر دايو ۽ نئون ديرو واسي ڪشور ڪمار اوڏ موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا. هڪ پوليس اهلڪار گهوٽڪي واسي عبدالعزيز ميراڻي شديد زخمي ٿي پيا. پوليس اهلڪارن تي حملي ۽ سندن شهادت بعد ڏوهاري چئن پوليس اهلڪارن جون سرڪاري رائيفلون، گوليون، ورديون ۽ پوليس پڪٽ ۾ پيل ٻيو سامان به کڻي ويا. ان حوالي سان ايس ايچ او گيمڙو جو چوڻ هو ته ڏوهارين جا پيرا کڻي جاگيراڻي برادري جي گهرن ۾ وڌا آهن. اطلاع تي مختلف ٿاڻن تي پوليس ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ جي اڳواڻي ۾ واقعي واري هنڌ پهچي شهيد ٿي ويل ٻنهي پوليس اهلڪارن جا مڙھ ۽ زخمي اهلڪار کي کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، بعد ۾ زخمي پوليس اهلڪار عبدالعزيز ميراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. شهيد پوليس اهلڪار علي گوهر دايو جي ايس ايس پي آفيس گهوٽڪي ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ڪشور ڪمار کي سلامي پيش ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ڊي آءِ جي ڄام طارق ڌاريجو، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻنهي شهيدن جا مڙه پنهنجن پنهنجن اباڻي شهرن ڏانهن موڪليا ويا.

نئون ديرو/پنوعاقل(نمائندن وٽان) گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن ۾ شهيد ٿي ويل نئون ديرو واسي ڪشور ڪمار ۽ پنوعاقل واسي علي گوهر دايو جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نئون ديرو شهر جي غريب آباد پاڙي واسي نوجوان ڪشور ڪمار جو جنازو نئون ديرو ٿاڻي تي آڻي پوليس اعزاز سان سلامي پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو محمد عمران خصوصي طور تي شرڪرڪت ڪئي. جڏهن ته ڊي ايس پي نئون ديرو فدا حسين لانگاهه، ايس ايچ او نئون ديرو شاهد ميمڻ سميت پوليس اهلڪار شريڪ هئا. پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻي کان پهتل پوليس جي خاص دستي شهيد اهلڪار ڪشور ڪمار کي سلامي پيش ڪئي. جڏهن ته سلامي پيش ڪرڻ وقت پ پ اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، خير محمد شيخ، سرفراز ميراڻي، يوٿ اڳواڻ خالد ڪريم مڱريو، هندو پنچائت جا اڳواڻ ڀاڳچند، پرڪاش لال، رميش لال، اميت ڪمار، منوج ڪمار ۽ شهر جا سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ شهري وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا.  سلامي پيش ڪرڻ بعد شهيد اهلڪار جو مڙهه اباڻي قبرستان شهيد گرگهل شاهه نيو ويو جتي تدفين ڪئي وئي. هوڏانهن شهيد ٿي ويل  پنوعاقل واسي ڳوٺ لالو ماڪو واسي علي گوهر دايو جي جنازي نماز سندس ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايس ايس پي سنگهار ملڪ سميت سياسي سماجي اڳواڻن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شھيد اھلڪار جي جنازي نماز کانپوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي.