ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروايون، ڳرا ڀاِڙا وصول ڪندڙ 75گاڏيون چالان، مسافرن کي سوا لک واپس، ان حوالي سان اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ڪراچي ۾   گذريل رات 45 گاڏين جي چيڪنگ دوران 15000 رپيا ڏنڊ وجهي مسافرن کي 97000 رپيا واپس ڪرايا ويا، ٻئي طرف  شهيد بينظير آباد ۾ ٽرانسپورٽرن تي 5 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو،  جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 30 گاڏيون  چالان ڪري مٿن 17100 رپيا ڏنڊ وڌو ويو، مسافرن کي 7800 رپيا واپس ڪيا ويا.  بدين ۾ ٽرانسپورٽرن تي 7500 رپيا ڏنڊ وجهي مسافرن کي  6800 رپيا واپس ڪرايا ويا. سکر ۾ ٽرانسپورٽرن تي ساڍا 10 هزار  رپيا ڏنڊ وجهي مسافرن کي 12 هزار 300 رپيا واپس ڪرايا ويا ،  ٽرانسپورٽ کاتي مٺي ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ قانون جي ڀڃڪڙي تي ٽرانسپورٽرن تي ڏنڊ وڌو  واضح رهي ته ٽرانسپورٽ کاتي عيد تي آفيسرن جون موڪلون رد ڪري آفيسون کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.