ڪراچي(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سيرينه فائز چيو آهي ته منهنجي مڙس قاضي فائز عيسيٰ ته پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن پر چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر،  جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس قاضي امين ۽ ٻين ججن پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا اثاٿا اڃا تائين ظاهر ڇو نه ڪيا آهن؟ يوٽيوب چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته انهن ججن ئي اسان جي اثاثن بابت اقليتي فيصلو لکيو هو. اهو فيصلو سمورن مسلمانن تي لاڳو ٿئي ٿو.