اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار سان اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ پاڻي مامرن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي ملاقات ٿي، جنهن دوران ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال، سينيٽ جي ميمبرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ پاڻي مامرن جي وزارت کي پاڻي منصوبن بابت گهربل فنڊن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.