چشمي جي به هاڻ گاڏين جيان ٿيندي سروس!ٰ

0
329

نيويارڪ (دلچسپ نيوز) ڪڏهن ڪڏهن چشمي تي لڳل داغ ڏاڍا ڏکيا ختم ٿيندا آهن پر هاڻ اهو مسئلو ختم ٿي ويو آهي. آمريڪي ڪمپني ان مسئلي جو حل لينس ايچ ڊي جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي جيڪو عينڪ تان هر قسم جا داغ ۽ مِ صاف ڪري عينڪ کي شفاف ڪري ڇڏيندو آهي. لينس ايچ ڊي ٺاهيندڙن ان کي گاڏين جي سروس اسٽيشن جيان عينڪ صاف ڪرڻ جي اسٽيشن قرار ڏنو آهي. ان اسٽيشن ۾ 4 موٽرون لڳل آهن جن تي فوم جا گول ٽڪرا لڳل هوندا آهن جيڪي موٽر سان هلندا آهن، انهن جي مٿان خاص قسم جو نرم ڪپڙو لڳل هوندو آهي، توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته بهتر نتيجن لاءِ فوم تي پاڻي جو ڦوهارو ڪريو ۽ ڊٻي ۾ چشمو رکي بند ڪري ڇڏيو، اندريون نظام پنهنجو پاڻ هلندو آهي ۽ موٽرون گهمن ٿيو ۽ آهستي آهستي چشمي تان مٽي، تيل ۽ دز صاف ٿي ويندي آهي.