ٿڃ پياڪ ٻارڙي جيان روئيندڙ پکي جي هنڌين ماڳين هاڪ!

0
380
ٿڃ پياڪ ٻارڙي جيان روئيندڙ پکي
ٿڃ پياڪ ٻارڙي جيان روئيندڙ پکي

سڊني (دلچسپ نيوز) عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته رڳو طوطا ئي انساني آواز جي ڪاپي ڪري سگهن ٿا. پر اسٽريليا جي ٽارونگا چڙيا گهر ۾ رکيل هڪ ٻيو پکي به ڪنهن نئين ڄاول ٻار جي روئڻ جهڙو آواز ڪڍي سگهي ٿو ۽ هو ٻيا آواز به ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان پکي جو نالو سپرب لائر برڊ آهي ۽ ان جو سائنسي نالو مينيورا نوواهولانڊيائي آهي. ان پکي ۾ پنهنجي ماحول کان سکڻ ۽ ٻين جو نقل ڪرڻ جي حيرت انگيز صلاحيت موجود آهي جنهن جو مظاهرو هو اڪثر ڪندو رهندو آهي. چڙيا گهر جو عملو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته اهو پکي انساني ٻار جي روئڻ جهڙو آواز ڪڍي رهيو هو. اهو منظر عملي جي هڪ ميمبر فوري طور تي فلمبند ڪري ورتو جنهن کي چڙيا گهر جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي به شيئر ڪيو ويو آهي. اها وڊيو مقبول ٿي رهي آهي ۽ هيستائين 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو ان کي ڏسي چڪا آهن.