ڪراچي (شوبز نيوز) شوبز ۾ نئين آيل ماڊل ۽ اداڪارا ايمن سليم پنهنجي جيون ساٿي ۾ خوبين بابت ٻڌائي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته چاهيان ٿي ايماندار۽ رحم دل شخص سان شادي ٿئي. تفصيل موجب اداڪارا ايمن سليم يوٽيوبرارسلان نصير سان گڏ ٽي وي پروگرام ۾ شريڪ ٿي، پروگرام ۾ ايمن سليم شادي جي باري ۾ پڻ سوالن جا کلي جواب ڏنا. ان موقعي تي جيون ساٿي ۾ ايمانداري، رحمدلي ۽ انڪساري ڏسڻ چاهيان ٿي. واضح رهي ته ايمن سليم اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سليم يوسف جي ڌيءُ آهي ۽ هن تازوئي شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيا آهن.