ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي ڀلوڙ اداڪارا فواد خان جي گهرواري صدف اهم انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته فواد خان اداڪاري سان گڏوگڏ کاڌو پچائڻ ۾ به ماهر آهي. تفصيل موجب اداڪار فواد خان ۽ سندس گهرواري صدف انسٽاگرام تي مداحن کي سوالن جا جواب ڏنا. ان موقعي تي مداحن ڪيترائي دلچسپ سوال ڪيا جن جا انهن دلچسپ جواب ڏنا صدف کان پڇيو ويو ته فواد خان کاڌو پچائي ويندو آهي؟ جنهن تي صدف چيو ته هو نه رڳو پچائي ويندو آهي پر تمام ڀلو کاڌو تيار ڪرڻ جو ماهر آهي، هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي هن ٻڌايو ته آئون سٺو کاڌو تيار نٿي ڪري سگهان، انڪري اڪثر فواد منهنجي مدد ڪندو رهندو آهي.