لاس اينجلس (دلچسپ نيوز) ڄنگهن مان ساهه کڻڻ وارو انوکو جانور دريافت ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي سائنسدانن ٽرائيلوبائٽس نالي جانور هٿ ڪيو آهي، ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪروڙين سال اڳ اهو جانور سمنڊ ۾ رهندو هو، اهوجانورپنهنجي ڄنگهن سان آڪسيجن جذب ڪندوهو، ماهرن موجب لڳ ڀڳ 57 ڪروڙسال اڳ اهوجانور سمنڊ ۾ رهندڙهو جڏهن ته ٽرائيلوبائٽس سمنڊ ۾ وڏي انگ ۾ هجڻ سبب باقي سموري سامونڊي جيوت تي حڪمران پڻ رهيو ۽ کيس وڏي اهميت پڻ مليل هئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽرائيلوبائٽس جون باقيات ملڻ بعد سامونڊي جيوت بابت وڏا انڪشاف ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي.