جوهي (ن پ ا) جوهي ڀرسان اغوا ڄاڻايل ناري رخسانه لنڊ بازياب نه ٿي، وارثن طرفان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ناري جي امڙ لڙڪ لاڙيندي چيو آهي ته 10 هٿياربند گهر تي حملو ڪري نياڻي کي اغوا ڪري ويا آهن، پر پوليس مدد لاءِ تيار نه آهي، شديد پريشان آهيون، واهر ڪري نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.