ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان پيٽارو ٽول پلازه وٽ خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ 8 ورهين جي نينگر کي موٽروي پوليس بچائي کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پيٽارو ٽول پلازه وٽ 8 ورهين جي نينگر دلدار ولد منٺار روڊ تي ليٽي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، موٽروي پوليس آفيسر جمال الدين شيخ، ليڊي آفيسر ماريه ۽ شڪيل احمد موٽروي تي خودڪشي جي ارادي سان آيل نينگر کي بچائي کيس گڏ وٺي نينگر جي ڳوٺ وڃي نينگر جي والد منٺار جي حوالي ڪيو. والدين موٽروي پوليس جي ڊي ايس پي فراز ھاشم ڀٽي ۽ امان الله ڪاڪا کي ٻڌايو ته نينگر کي اسان مدرسي ڇڏيو پر خبر ناهي هن خودڪشي جي ڪوشش ڇو پئي ڪئي. وارثن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان موٽروي پوليس جا شڪرگذار آهيون جن اسان جي ٻچي کي صحيح سلامت اسان تائين رسايو.